22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سعودي عرب جو شهزادو وليد بن طلال  فائيو اسٽار هوٽل مان جيل منتقل

رياض ( ويب ڊيسڪ ) ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ٿيل ارب پتي سعودي شهزادي وليد بن طلال کي فائيو اسٽار هوٽل کان جيل منتقل ڪيو ويو آهي جنهن بعد هو ڳالهين تي راضي ٿي ويو آهي.  پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جون  شرطون نه مڃڻ تي وليد بن طلال کي رياض جي رٽز ڪارٽن هوٽ مان الهير جيل منتقل ڪيو ويو آهي. حڪومت طرفان ارب پتي شهزادي کان هڪ کرب رپين کان وڌيڪ رقم ۽ پنهنجي ڪمپنين جو ڪنٽرول حڪومت کي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو پر هن صاف انڪار ڪيو.  سعودي اختيارين نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته گرفتار شهزادي وليد بن طلال حڪومت کي هڪ وڏي رقم ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر اٽارني جنرل منظوري نه ڏني آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ڀارتي آرمي چيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت پاڪستان خلاف سڌو سنئون ڌمڪين تي لهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے