24 آچر , جون 2018

زينب ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي، گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي: والد امين انصاري

قصور ( ويب ڊيسڪ ) مقتول زينب جي والد محمد امين انصاري چيو آهي ته زينب قتل ڪيس جي جاچ لاءِ قائم ڪيل جي آءِ ٽي ڪم ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آهي، جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي موڪلين ٽيمن خوشخبري ٻڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي.  قصور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امين انصاري چيو ته پنجاب حڪومت جي جي آءِ ٽي ڪم ڪري رهي آهي پر جوابدارن جي گرفتاريءَ ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي، پنج کان ڇهن ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر حڪومت طرفان اڃا تائين ڪو به پتو نه پيو آهي. هن چيو ته آرمي چيف جون 2 ٽيمون آيون جن سان سندس گڏجاڻي به ٿي، جن چيو آهي ته کيس جلد خوشخبري ٻڌائي ويندي. سندس چوڻ هو ته قتل ڪيس ۾ بيگناهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ماڻهن ۾ اڪثر ننڍي عمر جا ماڻهو شامل آهن جن کي رستي ويندي گرفتار ڪيو ويو. امين انصاري چيو ته گرفتار ٻارڙن جون مائرون وٽن اچي رهيون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته مٿن تشدد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پوليس گرفتار ماڻهن جون ڄنگهون ٻانهون ڀڃي ڇڏيون آهن، کين فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان مفتي نور ولي کي نئون امير مقرر ڪري ڇڏيو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پاڪستان مفتي نور محمد ولي محسود کي نئون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے