24 آچر , جون 2018

منڊي بهاوالدين ۾ ننڍي عمر جي ٻارڙن سان زياتي ڪندڙ ٽولي جو انڪشاف

منڊي بهاوالدين ( ويب ڊيسڪ ) فيس بڪ تي دوستي بهاني ننڍي عمر جي ڇوڪرن کي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ ۽ وڊيو ٺاهي کين بليڪ ميل ڪندڙ ٽولي جي انڪشاف کانپوءِ شهرين طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. منڊي بهاوالدين ۾ هڪ ٽولي جو انڪشاف ٿيو آهي جيڪو فيس بڪ تي ننڍي عمر جي ٻارڙن سان دوستي ڪندو آهي ۽ کين ڏٽو ڏئي کين هوٽل ۾ گهرائيندو ۽ زيادتي جو نشانو بڻائيندو آهي.  هن وقت تائين ٽولي جا متاثر 3 ٻارڙا منظر تي آيا آهن، سندن وارثن طرفان ڪاليج چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ پوليس خلاف شديد نعريبازي ڪئي. مظاهرين جو الزام آهي ته جوابدار ٻارڙن کان وڊيو فيس بڪ تي رکڻ جي ڌمڪي ڏئي ڀتو وصول ڪندا آهن، پوليس کي شڪايت ڪئي وئي پر ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان مفتي نور ولي کي نئون امير مقرر ڪري ڇڏيو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پاڪستان مفتي نور محمد ولي محسود کي نئون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے