17 اربع , جنوري 2018

نيوز:چيف جسٽس پاران مينهن کي لڳندڙ انجيڪشن فوري طور ضبط ڪرڻ جو حڪم

چيف جسٽس ثاقب نثار ناقص کير بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران مينهن کي لڳندڙ انجيڪشن فوري طور ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ دٻي جي کير جي وڪري بابت پاڻمرادو نوٽيس سميت ماحولياتي آلودگي ۽ پاڻي جي فراهمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سميت ٻيا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.

چيف جسٽس چيو ته سمورن اختيارين جا ٿورا مڃي ٿو ته موڪل واري ڏينهن به حاضر ٿيا آهن، عوامي مفاد جو معاملو آهي، سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

 ناقص کير بابت ٻڌڻي شروع ٿي ته ناظر پنهنجي رپورٽ سميت عدالت ۾ پيش ٿيا جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيترن ئي هنڌن تي ڇاپا هنيا ۽ رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو جڏهن ته مينهن کي لڳندڙ انجيڪشن جا 39 پيڪٽ ضبط ڪيا ويا.

چيف جسٽس حڪم ڏنو ته ڊرگ انسپيڪٽر مارڪيٽن ۾ ڇاپا هڻي ۽ مينهن کي لڳندڙ انجيڪشن ضبط ڪري جڏهن ته چيف جسٽس سيڪريٽري صحت کي حڪم ڪيو ته انجيڪشن کي ضبط ڪرڻ جو ڪم ڊرگ انسپيڪٽر کي ڏنو وڃي، ايف آءِ اي، ڊرگ انسپيڪٽرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ ريٽيلرز جي اسٽاڪ جو جائزو ورتو وڃي.

 چيف جسٽس چيو ته ڏٺو وڃي ته مارڪيٽن ۾ انجيڪشن ڪيتري مقدار ۾ موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن 2018-01-16

*ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گاڏي تي آپگهاتي حملو *معجزاڻي طور بچي ويو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے