23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز:عمران خان جهڙو گندو ۽ ڪوڙو ماڻهو تاريخ ۾ نه ملندو:عائشا گلالئي

قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ عائشه گلالئي عمران کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته عمران خان جهڙو گندو ۽ ڪوڙو ماڻهو تاريخ ۾ نه ملندو.

عائشه گلالئي ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي وڊيو بيان جي وضاحت ڪندي چيو ته سندس بيان کي ڪٽ پيسٽ ڪري غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته هن پنهنجي بيان ۾ پنهنجي والد جي ڳالهه ورجائي هئي.

هن چيو ته سندس بيان کي عمران خان جي سوشل ميڊيا ٽيم ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو.

 هن چيو ته سندس والد جو چوڻ هو ته عمران خان لاڏائو آهي ۽ هن کان گهڻو ڊڄي ٿو جيڪڏهن ٻنهي کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو وڃي ته عمران خان ٻن منٽن ۾ روئڻ شروع ڪندو.

 عائشه گلالئي پنهنجي نئين وڊيو ۾ عمران خان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عمران خان سڄي دنيا ۾ دليري جا قصا ٻڌائي ٿو پر هو پاڻ  بزدل ماڻهو آهي.

هن چيو ته عمران خان جي ڪريل ٽرينڊ ۽ سياسي ڪلچر تي قوم کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندي جڏهن ته اهڙو گندو ۽ ڪوڙو ماڻهو ڪڏهن تاريخ ۾ ڏسڻ لاءِ نه ملندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | مٺي:پ پ پاران ڪالاباغ ڊيم ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڏيڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي

ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے