18 سومر , جون 2018

نيوز:ڪنب:ڳوٺاڻن جو علي بحر واهه جي ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪنب ويجهو ڳوٺاڻن علي بحر واهه جي ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ قائم الدين جي  سولنگي جي ڳوٺاڻن ڪائونسلر  علي مدد ، ممتاز علي سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علي بحر واهه جي ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي .

ان مو قعي تي ڳوٺاڻن عوامي آواز ٽي وي آڏو داهيندي چيو تھ   نا اھل ٺيڪيدار واھ جا ڪپر پٽي وڏو ظلم ڪيو آھي   ، جنھن جي ڪري اسان جي 3 ڳوٺن کي ٻڏڻ جو خطرو آهي .

هنن چيو تھ آبپاشي عملي کي باربار شڪايتن ڪرڻ باوجود ڪوبھ لڙي ناهي آيو.

ٺيڪيدار جي غفلت سبب ٻڏي ويل 2 مشينن جي مالڪن غلام رسول ڪيريو ۽ مشتاق علي ڪيريو دانھيندي ٻڌايو ته  اسان جي روڪڻ باوجود ٺيڪيدار بند ڏياري ھٿ سان اسان جون مشينون ٻوڙيون آهن جنهن سان اسان کي  لکين روپين   جو نقصان ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhkot's crude operations in the region, inam golo recovery

نيوز: ڪنڌڪوٽ  جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن، انعام گولو بازياب

 ڪنڌڪوٽ پوليس 2 مهينا اڳ اغوا ٿي ويل  ڳوٺاڻي انعام گولي کي بازياب ڪرائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے