19 جمعہ , جنوری 2018

ڀارتي آرمي چيف جو بيان غير ذميواراڻو آهي: احسن اقبال

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهر وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جو بيان غير ذميواراڻو آهي، ائٽمي طاقتن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿيندي آهي، دنيا ائٽمي طاقتن مان ذميواريءَ جي اميد ڪندي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته قصور واقعو افسوس جوڳو آهي، اسان سڀني جون دليون ڏکويل آهن، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته مخالف ڌر جون پارٽيون ملڪي ترقي کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، طاهر القادري ڌرڻن سان پاڪستان کي جمود ۾ وجهي پاڻ وري ڪئنيڊا هليو ويندو آهي، جيڪڏهن سيڙپڪار پاڪستان مان هليا ويا ته واپس ڪير آڻيندو. سندس چوڻ هو ته ترقي جو تسلسل جاري رکڻ ۽ ناڪاري سياست کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڪنهن کي به جمهوري عمل سان کيڏڻ نه ڏنو وڃي. احسن اقبال چيو ته اڄ اقتصادي دور آهي پر اسان احتجاجي سياست ۾ ڦاٿل آهيون، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام نه هجي ته ترقي جو عمل بند ٿي ويندو آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ 20، 22 ڪلاڪ بجلي نه ايندي هئي اڄ 20 کان 22 ڪلاڪ بجلي اچي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته 2013ع ۾ ملڪ دهشتگرديءَ جو شڪار هو، اڄ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي چڪي آهي، اڄوڪو ملڪ 2013ع جي پاڪستان کان گهڻو مختلف آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے