22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عمران خان جي ڪريل سياست تي قوم کيس معاف نه ڪندي: عائشه گلالئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي جي ايم اين اي ۽ تحريڪ جي باغي ميمبر عائشه گلالئي چيو آهي ته عمران خان جي ڪريل ٽرينڊ ۽ سياست تي قوم کيس معاف نه ڪندي. عائشه گلالئي پنهنجي وڊيو بيان جي وضاحت ڪندي چيو ته منهنجي بيان کي ڪٽ پيسٽ ڪري غلط تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته مان پنهنجي بيان ۾ والد صاحب جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته منهنجي بيان کي عمران خان جي سوشل ميڊيا ٽيم ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته  منهنجي والد چيو هو ته عمران خان رولاڪ آهي ۽ مون کان تمام گهڻو ڊڄندو آهي، جيڪڏهن ٻنهي کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو وڃي ته هو روئڻ شروع ڪري ڇڏيندو. عائشه گلالئي چيو ته عمران خان سموري دنيا ۾ بهادري جا قصا ٻڌائيندو آهي پر حقيقت ۾ هڪ ڊڄڻو شخص آهي. هن چيو ته عمران خان جهڙو گندو ۽ ڪوڙو شخص ڪڏهن تاريخ ۾ ڏسڻ لاءِ نه ملندو. سندس چوڻ هو ته عمران خان اهڙي قوم جي نياڻي جي عزت کي نقصان پهچائي رهيو آهي جنهن کيس ووٽ ڏنو، مان ڊڄڻ واري نه آهيان، اسان کي پنهنجي اخلاقيات جي خبر آهي، اهڙي قسم جي قدمن کان ڊڄي نه ٿي سگهان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ سان محبت ڪيو، مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا: چيف جسٽس

چترال (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے