22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز:سپريم ڪورٽ جي حڪم تي  شاهه زيب قتل ڪيس جا سمورا جوابدار اي سي ايل  ۾ شامل

سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ شاهه زيب قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار شاهه رخ جتوئي سميت سمورن جوابدارن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان شاهه زيب قتل جي مک جوابدار شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين جون سزائون ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ ڪيس ۾ دهشتگردي وارا قلم ختم ڪرڻ کانپوءِ سيشن ڪورٽ شاهه رخ جتوئي سميت سمورن جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

سول سوسائٽي ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيس ۾ دهشتگردي وارا قلم ختم ڪرڻ جي فيصلي ۽ ان جي نتيجي ۾ جوابدارن جي آزادي کي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چئلينج ڪيو ويو هو.

 چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار شاهه زيب قتل ڪيس جي اپيل 6 جنوري تي اسلام آباد طلب ڪندي 13 جنوري تي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي هئي.

بعد ۾ چيف جسٽس مک جوابدار شاهه رخ جتوئي سميت سراج ٽالپر، سجاد ٽالپر ۽ مرتضيٰ لاشاري جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو..

هي به ڏسي سگهو ٿا

ImranKha, KHuhra

شام ستين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*سموري زندگي اهڙن ننڍن ماڻهن کي ڏٺو آهي جيڪي وڏين آفيسن تي قابض هوندا آهن:عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے