17 اربع , جنوري 2018

نيوز:ڪنب: نوجوان پر اسرار نموني فوت ، وارثن پاران زهر ڏئي مارڻ جو شڪ ظاهر

ڪنب    ڀرسان نوجوان پر اسرار نموني فوت ٿي ويو، وارثن پاران زهر ڏئي مارڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇتن شاھ جو رهواسي نوجوان 18 ورهين جو  غلام مرتضى ڀنڀرو پراسرار نموني فوت ٿي ويو.

 نوجوان جي وارث غلام شبير ڀنڀرو ڪنب ٿاڻي تي نوجوان جو لاش کڻائي اچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوجوان غلام مرتضى گذريل رات راڻي پور شهر ۾ ميلي تي دوستن سان ويل هو.

هن چيو تھ  واپسي ۾ هو ڇتن شاھ تي دوستن سان گڏجي ڪجھه کاڌو تھ  بيهوش ٿي ويو جتان هن جي دوستن بيهوشي جي حالت ۾ گهر آندو.

هن چيو تھ غلام مرتضيٰ کي گمبٽ   کڻي ويا سين ، جتان ڊاڪٽر سول اسپتال خيرپور رفر ڪيو جتي هو  فوت ٿي ويو.

هوڏانهن ڪوٽڏيجي اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري هڪ ڪلاڪ کان لاش پيل رهيو…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن 2018-01-16

*ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گاڏي تي آپگهاتي حملو *معجزاڻي طور بچي ويو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے