18 سومر , جون 2018

فيصلن بابت شڪايتون آهن، پارليامينٽ قانون ٺاهي ته ججن جي ڪوتاهي جي ذميواري کڻندس:چيف جسٽس

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته من پسند فيصلن ۽ انصاف ۾ دير جون شڪايتون ملي رهيون آهن، پر پارليامينٽ قانون سازي ڪري ته ججن جي ڪوتاهي جي ذميواري کڻندس هڪ سول جج ۽ سپريم ڪورٽ جي جج ۾ ڪو به فرق نه هوندو آهي .هن چيو ته اختيارن شاهد سپريم ڪورٽ جي جج وٽ وڌيڪ هوندا پر ذميواريون هڪ جهڙيون آهي .چيف جسٽس آف پاڪستان اهڙين ڳالهين جو اظهار سنڌ جڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن ۽ وڪيلن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو آهي ته انصاف پاڪستان جي هر شهري جو بنيادي حق آهي. هن چيو ته وقت تي قانون جي موجب انصاف ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. چيف جسٽس چيو ته پارليمنٽ سپريم آهي ۽ قانون ٺاهڻ پارليمنٽ جو ڪم آهي. هن چيو ته قانون کي اپ گريڊ ڪيو وڃي پوءِ ڪوتاهي ڪئي ويندي ته ذميواري اسان جي آهي .هن چيو ته ڪيس ۾ دير جي ذميواري عدالتن جي نه آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اسان انصاف ڪنداسين جيڪي قانون موجب هجي .ماڻهن جي مرضي جو فيصلو نه ايندو. هن چيو ته قانون جي سڀ ڳالهه ڪندا آهن، قانون تي عمل ڪير ئيي نه ڪندو آهي .هن چيو ته هڪ جج وٽ روزانو 150 ڪيس هوندا آهن .هن چيو ته هڪ جج وٺ هڪ ڪيس جي لاءِ صرف ڪجهه منٽ هوندا آهن. هن چيو ته انصاف تڪڙو نه ملڻ ٻيا سبب هوندا آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان عدالتن تي سخت تنقيد ڪئي ويندي آهي ان جو سبب ڪيسن ۾ دير آهي .هن چيو ته لکن جي تعداد ۾ ڪيس هن وقت التوا هيٺ آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي ذميواري اداڪرڻ نٿا ڇڏي سگهون. هن چيو ته هر هڪ کي انصاف جي لاءِ پنهنجو حصو وجهڻو پوندو. چيف جسٽس چيو ته اڄ جيڪو به آرڊر اچي رهيو آهي ان ۾ قانون کي مدنظر گهٽ رکيو ويندو آهي .هن چيو ته انصاف پنهنجي مرضي سان نه قانون جي موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته جن ججن وٽ ڪيس آهن هو مهيني جي اندر فيصلو ڪن .هن چيو ته بارکي گهرجي ته هڙتالن جو ڪلچر ختم ڪن، قانون ۾ ترميم جي لاءِ پارليمنٽ سان به ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي .هن چيو ته اسان پارليمنٽيرين سان ملاقاتون ڪيون ته ان تي تنقيدنه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته بداعتمادي جي فضا ختم ٿيڻ گهرجي .هن چيو ته پارليمنٽ کي ٻڌايو ويندو ته قانون ۾ ڪيتري ترميم جي ضرورت آهي .هن چيو ته هاءِ ڪورٽ کي سروسز معاملن ۾ ٻڌڻي ڪرڻ جو اختيار نه آهي .هن چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ کي پاڻ بچائڻو آهي. هن چيو ته قانون ٺاهڻ پارليمنٽ جو ڪم آهي ان تي عمل ڪرڻ عدليا جي ذميواري آهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ 90 ڏينهن اندر ڪيس جو فيصلو ڪري. 90 ڏينهن بعد ٻيهر ٻڌڻي نه ڪئي وڃي. سالن تائين ڪيس رولڙي جو شڪار نه بڻايا وڃن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پهچي خبر پوي ٿي ته جوابدار بي گناهه آهي پر هن جيڪو قيد ڪاٽيو ان جو ڇا ڪجي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته جاچ درست نه ٿيندي آهي، ڪيسن ۾ دير جو الزام وري عدليه تي هنيو ويندو آهي، ڇا پارليامينٽ ڪا قانونسازي ڪئي آهي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري  ۾ جڊيشل پاليسي واري اجلاس کي به چيف جسٽس خطاب ڪيو. ان اجلاس ۾ پاڪستان جي سمورن هاءِ ڪورٽ جي ججن ،شريعت ڪورٽ جي چيف جسٽس ،سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ جڊيشل آفيسرن شرڪت ڪئي .چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس  ثاقب نثار چيو ته اسان پارليامينٽ نه آهيون ۽ نه وري قانونسازي ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته چڱي نموني خبر آهي ته جيترا به ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن اوترا وسيلا نه آهن. سندس چوڻ هو ته هڪ ڪوشش ڪري سگهجي ٿي ته قانوني دائري ۽ ساڳين ججن جي تعداد سان هر هنڌ قانون موجب جلد ڪم ڪيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته انصاف ۾ دير هڪ وڏو مسئلو آهي، ماڻهن کي ملڪ ۾ سستو انصاف ملڻ گهرجي، ماڻهن کي شڪايت آهي ته جلد انصاف نه ٿو ملي، جيستائين سڄي دنيا ۾ شڪايت رهندي آهي ڪيسن ۾ دير ٿيندي آهي. هن چيو ته مون کي سڀ کان سٺو ڪم پنجاب ۾ نظر آيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي پئي وڃي، پنجاب ۾ ماڊل ڪورٽس قائم ڪيون ويون آهن.033041

سنڌ ۾ 1500 سرڪاري ڊاڪٽرن جون خانگي ڪلينڪون، وڏي وزير برطرفي جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ ۾ صحت کاتي جي 1500 ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ ميڊيڪل آفيسرن جون خانگي اسپتالون هلڻ جو انڪشاف، سيڪريٽري صحت جي سفارش تي وڏي وزير پاران غير حاضر ڊاڪٽرن کي برطرف ڪرڻ جي سمري منظور ڪندي نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو، پگھارن جي مد ۾ گوسڙو ڊاڪٽرن پاران ڳڙڪايل ڪروڙين روپيا واپس ڪرائڻ جو ٽاسڪ اڪائونٽنٽ جنرل حوالي، ان حوالي سان ڄاڻ موجب ته سنڌ جي مختلف ضلعن ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، گھوٽڪي، ڪنڌڪوٽ_ڪشمور، بدين، ميرپورخاص، قمبر_شهدادڪوٽ، مٺي، عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ لڳاتار غيرحاضر رهندڙ ۽ ڪيئي سالن کان مختلف مُلڪن ۾ رهندڙ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن کي برطرف ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ صحت کاتي جي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو حتمي منظوري لاءِ سمري اماڻي هئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سيڪريٽري صحت پاران اماڻيل سمري منظور ڪندي غير حاضر رهندڙ 17 ۽ 18 گريڊ جي 1213 ميڊيڪل آفيسرن، 139 وومين ميڊيڪل آفيسرن ۽ 148 سينيئر ميڊيڪل آفيسرن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ لاءِ سمري منظور ڪندي سندن جاءِ تي نوان ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ته 1500 گوسڙو ڊاڪٽرن جو وڏو تعداد مُلڪ ۾ ئي موجود ناهي، پر ان باوجود کين پگھار ملي رهي آهي جڏهن ته پگھارن کان سواءِ گوسڙو ڊاڪٽر لڳاتار سرڪاري سهوليتون پڻ استعمال ڪري رهيا هئا. جڏهن ته گوسڙو ڊاڪٽرن پاران سرڪار کان پگھار سميت ٻين مختلف مدن ۾ ورتل رقمون واپس ڪرائڻ جو ٽاسڪ پڻ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ حوالي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو چيو آهي ته گوسڙو ڊاڪٽرن مان ڪجهه ويزا تي ٻاهر ويل آهن ۽ ڪيترائي ڊاڪٽر خانگي اسپتالون هلائي رهيا آهن سندن سرڪاري اسپتالن ڏانهن ذري جو به ڌيان نه هجڻ ڪري اهڙو قدم کنيو ويو آهي.0430

خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کي ساڍا 6 لک کان مٿي فيس نه وٺڻ جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر ) سپريم ڪورٽ سنڌ جي  خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کي 6 لک 45 هزار کان وڌيڪ فين جي اوڳاڙي کان روڪي ڇڏيو.جڏهن ته پي ايم ڊي سي کي ميڊيڪل ڪاليجن کي نئي رجسٽريشن ڏيڻ کان روڪندي حڪم ڏنو ته انسپيڪشن ٽيم کي 15ڏينهن جي اندر سروي ڪري رپورٽ پيش ڪري . سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾چيف جسٽس ثاقب نثار ،جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ سنڌ جي  خانگي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا جي معيار بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالت جي ڪمري ۾ سرڪاري اسپتالن جا ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽس موجود آهن؟  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته اسپتالن ۾ ڪيترا بسترا آهن، ڪهڙيون مشينون آهن ۽ ڪهڙيون نه آهن، اسپتال ۾ دوائن جي ڪهڙي پوزيشن آهي اها به ٻڌائي وڃي، هر ايم ايس کي الڳ الڳ قسم نامو جمع ڪرائڻو پوندو، چيف جسٽس چيو ته خانگي ڪاليجن کي هڪ فارم ڏئي رهيا آهيون جنهن کي ڀرائي عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي، خانگي ڪاليج مالڪ 15 ڏينهن اندر اندر معاملا ٺيڪ ڪري وٺن. چيف جسٽس خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جي مالڪن سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اپيل سمجهو، وڏي ڀاءُ جي ڳالهه سمجهو يا حڪم، انسپيڪشن ٽيم ويندي ته پوءِ ڪابه رعايت نه ملندي. ٻڌڻي جي دوران ڊاڪٽر عاصم به پيش ٿيو .چيف جسٽس چيو ته ڇا اوهان ضمانت تي آهيو، .ڊاڪٽر عاصم چيو ته جي مان ضمانت تي آهيان. جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته ڪو به خانگي ڪاليج 6 لک 45 هزار کان وڌيڪ في وصول نه ڪندو، وڌيڪ في وٺڻ نه ڏني ويندي.جڏهن عدالت 5 رڪني انسپڪشن ٽيم ٺاهي ڇڏي آهي .جنهن ۾ ايڊووڪيٽ فيصل صديقي ،ايڊووڪيٽ شهاب اوستو سميت آغا خان ،ڊائو يونيورسٽي ،جناح يونيورسٽي جا وائيس چانسلر شامل هوندا.سپريم ڪورٽ  مارڪيٽن مان دٻي وارو کير اڄ ئي کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جڏهن سپريم ڪورٽ رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي . سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار ،جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ثي رڪني بئنچ پيڪٽ جي ناقص کير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پيڪٽ جي کير جا سمورا نمونا پي سي ايس آءِ موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ کير جي نمونن جي ٽيسٽ جي ذميواري فيصل صديقي ايڊووڪيٽ کي سونپي وئي. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي حڪم ڏنو ته کير جي پروڊڪٽس ٽيسٽ لاءِ موڪليو.  جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته  ڊٻي ۾ وڪرو ٿيندڙ کير، کير نه فراڊ آهي، هي اڇو مادو آهي، ڪٿي پيڪٽ جي کير ۾ ته تي شامل نه آهي، هن حڪم ڪيو ته اڄ ئي مارڪيٽن مان کير جي سمورن برانڊز جون شيون کنيون وڃن. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪم ڏينداسين ته پيڪٽ تي لکيو وڃي ته هي کير جو نعم البدل آهي.  چيف جسٽس چيو ته پنجاب ۾ ڪروڙين رپيا لڳائي ليبز ٺيڪ ڪرايون ويون آهن، سنڌ ۾ فوڊ اٿارٽي ئي ناهي، سنڌ سرڪار ڇا ڪري رهي آهي؟ سپريم ڪورٽ  وي وي آءِ پي موومينٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس اڪلائيندي آءِ جي سنڌ کي ان حوالي سان حلف نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ مستقل روڊ بلاڪ نه ٿيندا آهن. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾جسٽس ثاقب نثار ،جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجادعلي شاهه تي ٻڌل ثي رڪني بئنچ  وي آءِ پي موومينٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کان پڇاڻو ڪيو ته روڊ بند ڪرڻ سان شهرين کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، وي وي آءِ پي شخصيتن لاءِ روڊ ڇو بند ڪيا ويندا آهن؟ اي ڊي خواجه جواب ڏنو ته وي وي آءِ پي موومينٽ لاءِ قانون موجود آهن، انهن موجب انتظام ڪيا ويندا آهن.3303

شاهه زيب ڪيس ۾ دهشتگردي قلم برقرار، شاهه رخ ۽ ٻين جي پرڏيهه وڃڻ تي بندش

ڪراچي ( رپورٽر ) سپريم ڪورٽ شاهه زيب قتل ڪيس ۾ سول سوسائٽي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته  سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت ۽ گهرو ورازت کي شاهه رخ جتوئي، سراج ٽالپر، سجاد ٽالپر ۽ غلام مرتضيٰ لاشاري  جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل  3 رڪني بئنچ شاهه زيب قتل ڪيس خلاف سول سوسائٽي جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.درخواست گذار فيصل صديقي جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ان وقت جي جسٽس سجاد علي شاهه شاهه زيب قتل ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم برقرار رکيا هئا. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪهڙين ڌرين کي جسٽس سجاد علي شاهه تي اعتراض آهي ته بئنچ کان الگ ٿي وڃي. ايڊووڪيٽ لطيف کوسي چيو ته اسان کي جسٽس سجاد علي شاهه تي ڪو به اعتراض نه آهي هو ان ڪيس کي ٻڌي سگهي ٿو .جڏهن ته جوابدار غلام مرتضيٰ لاشاري جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته ڪير به نٿو چئي ته هي دهشتگردي جو واقعو آهي .هن چيو ته شاهدن جي بيان جو جائزو ورتو وڃي ۽ سزاڏني وڃي بي گناهن کي سزا نه ڏني وڃي .عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ  چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار  اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي شاهه رخ جتوئي سميت ٻين جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ چيو ته فوري طور فون ڪري گهرو وزارت کي ٻڌايو وڃي ته سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن ۽ سمورن هوائي اڏن کي هدايت ناما جاري ڪيا وڃن. سپريم ڪورٽ سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جوابدارن کي پنج پنج لک رپيه جي ضمانت جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. شاهه زيب قتل ڪيس ۾ شاهه رخ جتوئي، سراج ٽالپر، سجاد ٽالپر ۽ غلام مرتضيٰ لاشاري جوابدار طور نامزد آهن.ان ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اسلام آباد ۾ ٿيندي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

ميانوالي (م ڊ) عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے