23 آچر , سيپٽمبر 2018

انقلاب ڳالهين سان نه ايندو، چونڊن ۾ عوامي فيصلو اکين تي هوندو: وزيراعظم

پشاور ( بيورو ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام جو فيصلو اکين تي هوندو، جنهن کي مئنڊيٽ ملندو تنهن جي حڪومت هوندي. پشاور ۾ نيشنل انڪيو بيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ ن کي جڏهن حڪومت ملي ته ملڪ ڪرپشن سبب پوئتي رهجي ويو هو، انقلاب ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر ڪم ڪرڻ سان ايندو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان تنقيد ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ ڄاڻون ٿا، ڪم ڪنداسين ته اڳتي وڌنداسين نه ته گهر وينداسين پر جمهوريت جو سفر ملڪ ۾ هلندو رهندو، جمهوريت جي سفر ۾ اڄ کان چار پنج مهينن بعد عوام جو فيصلو اکين تي هوندو، ايندڙ چونڊن ۾ عوام جنهن کي مئنڊيٽ ڏيندو تنهن جي ئي حڪومت هوندي. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن حڪومت ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، اسان هزارين ميل ڊگها موٽرويز تيار ڪيا پر حڪومت هر مسئلي جو حل نه ٿي ڪڍي سگهي پر هر مسئلي جي حل لاءِ مددگار جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته دنيا تبديل ٿي چڪي آهي، هاڻي اسان کي ٽيڪنالوجي طرف وڃڻو آهي، نوجوانن جي روزگار جو مسئلو آءِ ٽي شعبي ۾ انقلاب سان ئي حل ٿيندو. هن چيو ته براڊ بينڊ سهولت جي فراهمي حڪومت جي ذميواري آهي، اسان جي حڪومت ٿري ۽ فور جي جا لائسنس شفاف نموني ڏنا، اميد آهي ته هي ادارو آءِ ٽي سميت ٻين ادارن لاءِ اهم ثابت ٿيندو.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabad

ملڪ ۾ پاڻي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پاڪستان دشمنن جون سازشون ناڪام ٿينديون: چيف جسٽس

چترال (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے