17 اربع , جنوري 2018

باني چيئرمين جو عدالتي قتل ٿيو، نواز شريف ادارن خلاف ڳالهائي غلط پيو ڪري: مراد علي شاههz

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سال 2013ع تائين ڊوميسٽڪ قرض اٽڪل 100 ارب ڊالر هو ۽ هاڻي اهو قرض 155 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي، 2013ع ۾ جڏهن پ پ پنهنجي حڪومت جو عرصو پورو ڪيو ته اسانجي ايڪسپورٽس اٽڪل 25 ارب ڊالر هئي جيڪا اڄ 20 ارب ڊالر کان به گهٽجي وئي آهي. نواز شريف ادارن تي تنقيد ڪري تمام غلط ڪري رهيو آهي، اسان پنهنجو باني چيئرمين هڪ عدالتي قتل جي ذريعي وڃايو آهي، جڏهن ته آصف علي زرداري جيل ۾ هو ته شهيد بينظير ڀٽو اڪيلي سر عدالتن کي منهن ڏنو ۽ هوءَ هڪ هڪ ڏينهن ۾ پنهنجن ٻارن سميت چئن چئن ڪورٽن ۾ پيش ٿيندي هئي، پر ڪڏهن به عدالتن ۽ ادارن خلاف غلط زبان استعمال نه ڪئي، نواز شريف کي گهرجي ته هو به پنهنجي ذاتي فائدي بدران ملڪ جي باري ۾ سوچي ۽ جيڪڏهن کيس عدالت نااهل ڪري ڇڏيو آهي ته ان جو رستو به عدالت ئي آهي ڇاڪاڻ ته جلسن ۾ وڃي ادارن کي گهٽ وڌ چوڻ درست نه آهي. شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ برابري جي بنياد تي ڪم ٿيو آهي، ايم پي ايز کي فنڊ ڏيڻ جو سسٽم ناهي، عدالت اهڙي عمل کان روڪيو آهي، حليم عادل شيخ جو پوليس موبائل ۾ ويهي جملي بازي ڪرڻ واري عمل جي جاچ ٿي رهي آهي. اهڙو اظهار وڏي وزير ڪالهه قاسم آباد حيدرآباد ۾ پنهنجي والد ۽ اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي پرائيويٽ سيڪريٽري مرحوم عابد قريشي جي چاليهي ۾ شرڪت ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي  زرداري پڻ پنهنجي مٿان سياسي بنيادن تي ٺاهيل ڪيسن جو عدالتن ۾ منهن ڏنو ۽ کيس جيل ۾ به تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پر هن جلسن ۾ عدالتن خلاف ڪڏهن به گهٽ وڌ نه ڳالهايو آهي ۽ قانوني طريقي سان تمام ڪيسن کي منهن ڏنو ۽ انهن مان بري به ٿيو انڪري جيڪڏهن نواز شريف سمجهي ٿو ته سندس خلاف ڪجهه غلط ٿيو آهي ته کيس به گهرجي ته هو عدالت سان ئي رجوع ڪري ۽ قوم کي مشڪل ۾ نه وجهي ڇاڪاڻ ته اسان جو ملڪ اڳئي مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ايترو قرض نه ورتو ويو جيترو( ن) ليگ جي حڪومت چئن پنجن سالن ۾ ورتو آهي. هن چيو ته جڏهن کان پاڪستان ٺهيو هو تڏهن کان سال 2013ع تائين ڊوميسٽڪ قرض اٽڪل 100 ارب ڊالر هو ۽ هاڻي اهو قرض 155 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته سال 2013ع ۾ جڏهن پ پ  پنهنجي حڪومت جو عرصو پورو ڪيو ته اسان جي ايڪسپورٽس اٽڪل 25 ارب ڊالر هئي جيڪا اڄ 20 ارب ڊالر کان به گهٽجي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حيدرآباد سميت پوري سنڌ ۾ بنا فرق جي ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن، حڪومت ماڻهن جي ڊيمانڊ کي نظر ۾ رکندي اسڪيمون ٺاهيندي آهي ۽ اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته ترقياتي ڪمن ۾ حيدرآباد کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ٿيندڙ ٻارڙن جي موت جي شرح ملڪ جي ڪنهن ٻئي علائقي کان وڌيڪ نه آهي. هن چيو ته سندن حڪومت ٿر ۾ صحت جون جيتريون سهولتون ماڻهن کي فراهم ڪيون آهن اهي بي مثالي آهن. هن چيو ته ٿر ۾ اسپتالن ۾ اڳئي اهڙيون سهولتون نه هيون جيڪي اڄ آهن. هن چيو ته ٿر ۾ اسان واٽر سپلائي،  اسڪولن ۽ رستن  جي جن اسڪيمن تي ڪم ڪيو آهي، اتي اڳي ڪڏهن ڪنهن به ڪم نه ڪيوآهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قصور واقعو صوبائي حڪومت جي مڪمل ناڪامي آهي ۽ ان واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گهٽ آهي. هن چيو ته واقعي کانپوءِ احتجاج ڪندڙن تي پوليس سڌيون گوليون هلايون جنهن سان ماڻهن جي موت ٿيو جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت ۾ سڀني کي احتجاج ڪرڻ جو حق حاصل آهي ڪراچي ۾ به استادن مظاهرو ڪيو ۽ تيستائين کين منتشر نه ڪيو ويو، جيستائين اهي پرامن هئا، پر جڏهن انهن ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ته پوليس سندن خلاف معمولي قدم کڻندي کين هٽايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پناهگير بار آهن، هاڻ قرباني جو ٻڪر نه بڻجنداسين:پاڪستان بچاءُ وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي  ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے