17 اربع , جنوري 2018

زينب جو قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ شهباز شريف سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪري: ريحام

قصور ( م ڊ ) عمران خان جي اڳوڻي زال ۽ مشهور اينڪر ريحام خان چيو آهي ته زينب واقعي کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گهرجي. قصور ۾ قتل ٿيل ستن ورهين جي نينگري زينب جي وارثن سان تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريحام خان چيو ته مان لنڊن ۾ هيس جڏهن مون کي زينب جي قتل بابت ڄاڻ ملي. هن چيو ته برطانيا ۾ ويٺل ماڻهن کي يقين نه ٿي رهيو آهي ته اسان ٻارڙن سان تشدد ۽ زيادتي جي واقعن بابت ايترن سالن کان ڇا ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته قصور واقعي کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي،  سياسي ليڊر ٻارڙن سان زيادتي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪن. ريحام خان چيو ته ڀيڻ جي حيثيت سان طاهر القادري کي درخواست آهي ته ٻارڙين جا جنازا پڙهائڻ سان گڏ کيس سندن سالگرهه تي به اچڻ گهرجي. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان کي بار بار پنهنجي ٻارڙين جا لاش کڻڻا پون ٿا. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف کي درخواست آهي ته جيتري تيزيءَ سان هن اورنج لائن ٽرين ٺاهي آهي ڪيس جي جاچ ۾ به تيزي آڻي. ريحام خان چيو ته شهباز شريف جو مثال ٻين صوبن ۾ ڏنو ويندو آهي، هتي به کيس مثال قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته شهباز شريف کي گورننس جو تجربو آهي تنهن ڪري سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪري ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته قصور جو شمار ڏوهن جي لحاظ کان 10 مٿين ضلعن ۾ ٿئي ٿو ۽ هتي ٻارڙين سان زيادتي ۽ قتل جا واقعا لاڳيتو ٿي رهيا آهن.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پناهگير بار آهن، هاڻ قرباني جو ٻڪر نه بڻجنداسين:پاڪستان بچاءُ وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي  ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے