22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

وزيراعظم ٿيس ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندس: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مان وزيراعظم ٿي ويس ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهائيندس، اها ملاقات ڪڙي گوري هوندي پر کائڻي پوندي. آمريڪي خابرو اداري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته جيڪڏهن چونڊن بعد وزيراعظم ٿي ويس ته ايندڙ سال 2019ع ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندس. هن چيو ته ٽرمپ سان ملاقات ڪڙي گوري هوندي پر اها کائڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ٽوئٽ توهين جوڳو هو، جنهن نموني آمريڪا پاڪستان سان دٻاءَ وارو رويو اختيار ڪيو اهو درست ناهي، جيتوڻيڪ دهشتگرديءَ خلاف جنگ سان پاڪستان جو ڪو به تعلق ناهي. عمران خان چيو ته آمريڪا تي نائين اليون حملن کانپوءِ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته پاڪستان ڪنهن دهشتگردي ۾ ملوث نه رهيو آهي ۽ هو پاڻ خاتمو چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته اسان لکين مدرسن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪنداسين ۽ چاهيون ٿا ته مدرسا گريجوئيشن جي شاگردن وٽ سموريون صلاحيتون هجن ته جيئن هو ڪنهن به شعبي ۾ آساني سان نوڪري ڪري سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ڀارتي آرمي چيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت پاڪستان خلاف سڌو سنئون ڌمڪين تي لهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے