18 سومر , جون 2018

چونڊن ۾ 544 ووٽ کڻندڙ قدوس بزنجو بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجي ويو

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ق جي عبدالقدوس بزنجي کي بلوچستان جو نئون وڏو وزير چونڊيو ويو آهي. بلوچستان اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر راحيلا دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته شروعات ۾ قصور ۾ ٿيل نينگري زينب ۽ ايئر مارشل رٽائرڊ اصغر خان سميت ڪوئيٽا ڌماڪي جي شهيدن لاءِ فاتخه خواني ڪئي وئي. اسيمبلي اجلاس ۾ اسپيڪر ميمبرن کي قائد ايوان جي چونڊ جو طريقيڪار ٻڌايو جنهن بعد نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ راءِ شماري ڪئي وئي. اسيمبلي ۾ عبدالقدوس بزنجي جي حمايت ميمبرن لاءِ اي ۽ لياقت علي جي حامي ميمبرن لاءِ بي لابي ٺاهي وئي، جڏهن ته صوبي جي نئين وڏي وزير جي چونڊ هٿ مٿي ڪري ڪئي وئي. اسيمبلي جي 41 ميمبرن مسلم ليگ ق جي عبدالقدوس بزنجي کي نئون قائد ايوان چونڊيو، آغا لياقت 13 ووٽ کنيا، جڏهن ته هو اڄ ئي وڏ وزارت جي عهدي جو قسم کڻندو. عبدالقدوس بزنجو 2013ع جي عام چونڊن ۾ رڳو 544 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. عبدالقدوس بزنجو پهرين جنوري 1974ع تي بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ جنم ورتو، هن پهريون ڀيرو 2002ع ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ صوبائي تڪ پي بي 41 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. هوڏانهن 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو. گورنر محمود خان اچڪزئي وڏي وزير ۽ ڪابينا کان حلف کڻايو، وزيرن ۾ سرفراز بگٽي، سرفراز ڊومڪي، چنگيز مري، عبدالماجد ابڙو، عاصم ڪرد، منظور ڪاڪڙ، محمد رضا، يونس احمد علي، اعزازسڪائي ۽ ٻين حلف کنيو.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

ميانوالي (م ڊ) عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے