26 جمعرات , اپریل 2018

آبادي کي ناڻي ٺاهه سان ڳنڍڻ بهتر ناهي، آبادي واڌ روڪڻ لاءِ وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪر ڀرتي ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽ: عتيق ملاح) صحت کاتي ۽ پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي نمائندن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن نمائندن ۽ صحافين چيو آهي ته سياسي پارٽين کي تيزي سان وڌندڙ آبادي کي روڪرائڻ ۽ عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پر بدقسمتيءَ سان سياسي پارٽيون هن اهم مسئلي تي ڪو ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، اڪثر پارٽين جي منشور ۾ هن تيزي سان وڌندڙ آبادي واري مسئلي جو ذڪر ئي ناهي، اين ايف سي ايوارڊ به آبادي سان ڳنڍيل آهي، آبادي جي بنياد تي اين ايف ايوارڊ ڏنو وڃي ٿو، پر آبادي سان اين ايف سي کي ڳنڍڻ به بهتر ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ پاران سماجي تنظيم هيلٿ پاليسي پلس جي سهڪار سان ڪاسٽيڊ ايمپليمينٽيشن پلان(سي آءِ پي) جي حوالي سان ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ايم اين اي ۽ ايف پي 2020 ٽاسڪ فورس سنڌ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ڳالهائيندي چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي جي ڪري عوام جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي، بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ وسيلن جي کوٽ سميت انساني زندگي سان لاڳاپيل ٻيا ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته سنڌ  ۾ خانداني منصوبابندي ۽ صحت جي حوالي سان تمام اهم ڪم ٿيا آهن، ايف پي 2020 موجب جيڪي هدف اسان کي مليا آهن يا جيڪي هدف اسان مقرر ڪيا آهن، انهن کي پورو ڪرڻ اسان جو مقصد آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي منشور ۾ آبادي ۽ صحت شامل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان پنهنجن هدفن کي حاصل ڪيون. هن چيو ته صحت کاتي ۽ پاپوليشن ويلفيئر کاتي ۾ تمام گهڻي ويجهڙائي آهي ان سلسلي ۾ گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته عوام ۾ خانداني منصوبابندي جي طور طريقن جي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون، ميڊيا سميت هر اداري سان رابطا ڪري تيزي سان وڌندڙ آبادي کي روڪرائڻ ۽ خانداني منصوبابندي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته پاپوليشن کي اين ايف سي کان ڌار ڪيو وڃي. هن چيو ته خانداني منصوبابندي ۽ ڄم  روڪ طريقيڪار گهڻا موجود آهن، پر انهن کي ڃا به آسان ڪرڻ  لاءِ جلد (سائنا فل) طريقو اچڻ وارو آهي، جيڪو انسولين انجيڪشن جيان آساني سان لڳي سگهندو. عوامي آوازجي چيف ايڊيٽر ۽ نامياري صحافي ڊاڪٽر جبار خٽڪ ڳالهائيندي چيو ته سياسي جماعتن کي ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي واري مسئلي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ان مسئلي تي هنن کي پنهنجي حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي، هي تمام اهم مسئلو آهي، وڌندڙ آبادي جي ڪري هڪ طرف معاشي بدحالي ۾ اضافو، خوراڪ جي گهٽتائي، پيئڻ جي صاف پاڻي نه هجڻ، صحت جي سهولتن جي کوٽ، تعليم ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي کوٽ پيدا ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن واقعي وڌندڙ آبادي کي روڪرائڻ ۾ حڪومتون يا سياسي پارٽيون سنجيدا آهن ته انهن کي عملي قدم کڻڻ پوندا. هن چيو ته 18 هين ترميم تمام وڏي  ڪاميابي هئي، پر اڃا تائين 18 هين ترميم تحت اهي فائدا يا نتيجا صوبا وٺي نه سگهيا آهن جيڪي هن وقت تائين وٺي سگهجن پيا. پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊاڪٽر طالب لاشاري چيو ته دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ وڌندڙ آبادي جي مسئلي کي نظر ۾ رکندي عالمي سطح تي ان حوالي سان ويچاريو ويو، ان سلسلي ۾ مختلف پروگرام جوڙيا ويا، جڏهن ته منصوبابندي پڻ ڪئي پئي وڃي، وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي پاڪستان به ايف پي 2020 تي 2012ع ۾ لنڊن ۾ ٿيل ڪانفرنس جي ڊڪليريشن تي صحيح ڪئي هئي، جنهن تحت پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي کي روڪڻ لاءِ پاليسي جوڙي ڪم ڪرڻو هو. هن چيو ته سنڌ پاڪستان جو اهو واحد صوبو آهي، جتي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، هاڻ اسان 2020ع تائين اها اميد ڪري سگهون ٿا ته اسان پنهنجا هدف حاصل ڪري وينداسين. هن چيو ته 2012ع ۾ ٿيل ايف پي 2020 ڪانفرنس جي روشني ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جو واعدو ڪيو ويو هو ته ايل ايڇ ڊبليوز واري ڪم کي موثر ڪيو ويندو ته جيئن ليڊي هيلٿ ورڪر پنهنجو اصل ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اهو تاثر ڏيڻ غلط آهي ته صوبا ايف پي 2020 تحت نتيجا نه  ڏئي سگهيا آهن، سنڌ اهو واحد صوبو آهي جتي ايف پي 2020 تي گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي. پبلڪ هيلٿ پروگرام سيل جي ٽيڪنيڪل ڪوآرڊينيٽر شهناز وزير علي چيو ته سنڌ ۾ شهري علائقن کان ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٻارڙن جي پيدائش جي شرح وڌيڪ آهي، تعليم ۽ شعور جي گهٽتائي سبب اتي ٻارڙن جي پيدائش وڌيڪ ٿئي ٿي، سنڌ ۾ ننڍي ڄمار ۾ شادين وارو رواج پڻ رهيو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ ننڍي ڄمار۾  ٿيندڙ شادين  خلاف قانون موجود آهي. هن چيو ته ننڍي ڄمار ۾ ماءُ بڻجڻ جي ڪري ان ڇوڪري جي زندگي تي تمام گهڻا خراب اثر پون ٿا. هن چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته صحت کاتو ۽ پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ گڏيل ڪوششون وٺي رهيا آهن ۽ خانداني  منصوبابندي سميت آبادي جي وڌندڙ سبب جي ڳولا پڻ ٿي رهي آهي. ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جي ڊي جي ڊاڪٽر گل شيخ چيو ته سنڌ ۾ 22 هزار کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪر ڪم ڪري رهيون آهن، ليڊي هيلٿ ورڪرن جي ذميوارين واري ڪتابچي موجب هو پنهنجي علائقي ۾ ماڻهن سان گڏ ڪم ڪندي بنيادي صحت ۽ خانداني منصوبابندي وارين سرگرمين ۾ کين شريڪ ڪنديون آهن، علائقي ۽ ڳوٺن جي ماڻهن کي صحت جي باقاعدي نظام وچ ۾ رابطي ڪار جي حيثيت واري ڪم سان گڏ غير سرڪاري تنظيمن ۽ ٻين ادارن کان هدايت موجب سهڪار حاصل ڪرڻ شامل هو. هن چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن جي پهچ اڃا تائين 45 کان 48 سيڪڙو آبادي تائين آهي، ان کي وڌائي 60 سيڪڙو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تي جلد عمل ٿي ويندو ۽ نيون ليڊي هيلٿ ورڪر ڀرتي ٿينديون. مهراڻ ٽي وي جي سي اي او غلام نبي مورائي چيو ته تعليم جي سڌاري سان ئي اسان خانداني منصوبابندي سميت سماجي مسئلن جو حل ڪڍي سگهون ٿا، وڌندڙ آبادي انتهائي وڏو مسئلو آهي، پر ان کي منهن ڏيڻ لاءِ شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سيڪريٽري پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ لئيق احمد چيو ته خانداني منصوبابندي جي مرڪزن تي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون، ڪانٽراسيپٽو يعني خانداني منصوبابندي جي طور طريقن واريون سڀ شيون موجود هجن ٿيون ۽ ماڻهن کي انهن سينٽرن تي آگاهي پڻ ڏني وڃي  ٿي، جتي به اسان کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت پوي ٿي اسان اتي وڌيڪ ڌيان ڏيون ٿا. هن چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت سميت ٻارڙن جي پيدائش ۾ وقفي ۽ وڌندڙ آبادي کي هڪ حد تائين روڪڻ لاءِ جتي تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون پيون وڃن، اتي اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ اڃا اثرائتي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي سينيئر صحافي جي اين مغل، اشفاق شاهه ۽ ٻين پڻ ڳالهايو.00304141

هي به ڏسي سگهو ٿا

جسٽس ثاقب سيڪريٽري هو، نئب جاچ ڪري ته چيف جسٽس ڪيئن بڻيو: نواز شريف

اسلام آباد ( بيورو ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته نئب  جاچ ڪري ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے