18 سومر , جون 2018

ملازم آهيان، حڪم مليو ته عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار هوندس: اي ڊي خواجا

ڪراچي(رپورٽر ) آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا چيو آهي ته مان سرڪاري ملازم آهيان، سرڪار جيئن ئي حڪم ڏيندي ته عهدو ڇڏي ڏيندس. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پيشي کانپوءِ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا چيو ته سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته وي وي آءِ پي موومنٽ دوران ٽريفڪ قانون تي عمل ڪيو وڃي، ان کان علاوه مستقل رنڊڪون به هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته شهرين کي گهٽ ۾ گهٽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي. صوبي ۾ نئين آءِ جي جي مقرري بابت اي ڊي خواجا چيو ته مان سرڪاري ملازم آهيان، جيڪڏهن مون کي حڪم ملندو ته پنهنجو عهدو ڇڏڻ لاءِ تيار هوندس. سرڪار جو هر حڪم مڃڻ جو پابند آهيان.3306

هي به ڏسي سگهو ٿا

عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

ميانوالي (م ڊ) عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے