17 اربع , جنوري 2018

ٽرمپ سان لاڳاپا، پورن اسٽار کي خاموش رهڻ لاءِ هڪ لک ڊالر ادا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جنسي لاڳاپي جو هڪ وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب ٽرمپ جيوڪيل پورن اسٽار کي ٽرمپ سان مبينا جنسي لاڳاپن تي خاموش رهڻ لاءِ هڪ لک ڊالر ڏنا ويا. اها رقم صدارتي چونڊ کان هڪ مهينو اڳ ادا ڪئي وئي، ان وقت ڊونلڊ ٽرمپ تي عورتن سان ناروا سلوڪ جي حوالي سان تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي هئي ۽ هو انهن الزامن جي ترديد ڪري رهيو هو. وال اسٽريٽ موجب ٽرمپ جي وڪيل ڪوهن رقم پورن اسٽار اسٽيفني ڪلفرڊ جنهن جو فلمي نالو اسٽورمپ ڊينيئلز آهي کي ان وقت ڏئي ٿي جڏهن هيءَ اها ملاقات منظرعام تي آڻڻ واري هئي.043041

وائيٽ هائوس ٽرمپ جي پهرين طبي معائني کي بهتر قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (م ڊ) دماغي صحت تي لاڳيتو خدشن کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو طبي معائنو ڪرائي ڇڏيو. وائيٽ هائوس دعويٰڪئي ته ڊاڪٽرن ٽرمپ جي صحت کي بهتر قرار ڏنو آهي، عجيب قسم جي حرڪتن، ابتا سبتا بيان ڏيڻ ۽ نئين شايع ٿيل ڪتاب ۾ ٽرمپ جي ساٿين ان کي ٻارن جيان قرار ڏيڻ بعد ٽرمپ تي غير معمولي دٻاءُ هو ته هو پاڻ کي صدر لاءِ صحت مند ثابت ڪري، جنهن بعد هن ميري لينڊ فوجي ميڊيڪل سينٽر مان هڪ 2 پهريون طبي معائنو ڪرايو.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پناهگير بار آهن، هاڻ قرباني جو ٻڪر نه بڻجنداسين:پاڪستان بچاءُ وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي  ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے