18 سومر , جون 2018

صالح پٽ ۾عورت سان زيادتي، جوابدار ريمانڊ تي پوليس حوالي، متاثر ناري جي حالت نه سڌري

سکر(رپورٽر) سکر لڳ صالح پٽ ۾ چار ڏينهن اڳ نوجوان عورت زرينا ڀٽي سان مبينا طور جنسي ڏاڍائي بعد پيٽرول هاري باهه ڏيندڙ جوابدار مشتاق ڀٽي سول ڪورٽ روهڙي ۾ پيش، عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن اڳ ريمانڊ تي پوليس حوالي

ڪري ڇڏيو، صالح پٽ پوليس موجب واقعي جون شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچڻ بعد ڪيس جو چالان پيش ڪيو ويندو، زخمي عورت زرينا ڀٽي جو ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هلندڙ. پيٽرول هاري باهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار مشتاق ڀٽي کي صالح پٽ پوليس روهڙي جي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او صالح پٽ ياسر چاچڙ ٻڌايو ته واقعي جون شاهديون مڪمل طور گڏ ڪيون ويون آهن. ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچڻ بعد ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪري جوابدار کي جيل اماڻيو ويندو. ٻئي طرف متاثر عورت زرينا ڀٽي کي سکر سول اسپتال مان ڪراچي ريفر ڪرڻ بعد سندس ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. جسم ۾ گهيرا زخم هجڻ ڪري سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

ميانوالي (م ڊ) عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے