24 آچر , جون 2018

قصور جو واقعو ۽ سنڌ جون بي قصور عورتون

آغا نور محمد  پٺاڻ

                         نئون سال 2018ع شروع ٿيو دوستن هڪ ٻئي ڏانهن ڏاڍا مبارڪن ۽ دعائن جا پيغام موڪليا. خوشين جون خريداريون ٿيون ۽ مبارڪن جون محفلون ملهايون ويو. ان اميد سان ته هي سال الله ڪندو سٺو گذرندو. سنڌ خوشحال ٿيندي بندر ۽ بازاريون آباد ٿيندا. هونئن به اڄ ڪلهه اسانجي ٽيليويزن جي اردو چينلن تي مختلف اشتهار تيز رفتاري سان هلي رهيا آهن ته ”سنڌ سب سي آگي“ جيڪي اسانجا غريب هاري، ناري ۽ ناريون نهايت حيرت سان ڏسي رهيا آهن ته سنڌ ڪنهن ڳالهه ۾ اڳتي آهي!. هونئن ته اسانجي هجري اسلامي سال جي پهرين مهيني محرم کي به وقت جي مسلمان بادشاهن ڪربلا جو قضيو ڪري ماتم جو مهينو ڪرائي ڇڏيو پر ان کانپوءِ مسلمانن عيسوي سال جي جنوري مهيني کي خوشين جو مهينو سمجهي ملهائڻ شروع ڪيو ته هاڻي وري ڪجهھ اهڙا وحشت ناڪ واقعا ڪرائي هن سال کي به ماتمي مهينو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هن سال به بُلي شاهه جي شر قصور ۾ زينب جهڙي بي قصور معصوم نياڻيءَ کي جنهن دردناڪ طريقي سان هڪ وحشي نشانو بڻايو، ان واقعي پوري ملڪ جي درد وندن جي دلين کي ڏهڪائي ڇڏيو آهي. خبر اها پئي آهي ته هڪ سال اندر ان قسم جو اهو يارهون واقعو آهي ۽ ان کان پهريون ان قسم جا وحشي معصوم ٻارن کي ڦاسائي انهن جا پورنوگرافڪ ويڊيوز وائرل ڪندا رهيا آهن پر واڳ ڌڻين جي ڪا اک کلي نه رڳ ڦڙڪي ۽ نه وري ڪا پوليس انتظاميا جي سر تي جونءَ چُري ٿي. ڇو ته هنن وٽ ان ڳالهه جي ڪا اهميت ڪانهي. هو تڏهن هوشيار ٿين ٿا جڏهن ڪو هنن کي ڌرڻي هڻڻ جي ڌمڪي ڏئي ٿو، باقي اخباري خبرن ۽ ميڊيا جي ٽاڪ شوز جو انهن تي ڪو به اثر ڪو نه ٿو پوي. هن ملڪ ۾ اسانجي واڳ ڌڻين جو اهو پروگرام آهي ته اسانجي بئنڪ اڪائونٽس ۾ ڊالرن جو ڪيترو اضافو ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن قصور جي ماڻهن ان دردناڪ واقعي تي احتجاج ڪيو ته پوليس انهن تي سڌيون ڳوليون هلائي ٻن شهرين کي ڪيرائي وڌو، آخر ماڻهو وڃي ته ڪاڏي وڃي، ڪنهن کي ڌانهن ڏئي.

نواز شريف جڏهن وزير اعظم هيو ته اسيمبلي ۾ چئن سالن ۾ فقط چار دفعا آيو، ڪيترا وزير ۽ اسيمبلي جا ميمبر هن جي ملڻ لاءِ سالن کان انتظار ڪندا رهيا ۽ هڪ وزير ته ان ڪري استعيفيٰ به ڏني هئي. نوازشريف جو ”جاتي امرا“ هجي، بلاول هائوس هجي يا اسانجا سي.ايم هائوس هجن. عام ماڻهن کي ان ۾ اندر ڪنهن سان ملڻ جي مجال ڪانهي. باقي جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪري وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان کي لٺيون ۽ گوليون لڳنديون. هڪ ڀيري ڪراچيءَ ۾ ڪچهريءَ دوران اسانکي سنڌي ٻوليءَ جي مايه ناز سفرنامن جي ليکڪ الطاف شيخ ٻڌايو هيو ته ملائيشا ۾ جڏهن هو ملازمت ڪندو هيو ته وزير اعظم سان اڪثر ملاقات ڪرڻ ويندو هيو. مون هن کان سوال پڇيو ته ڇا ملائيشيا ۾ وزير اعظم سان ملڻ ايڏو سولو آهي؟ جنهن تي هن چيو ته اتي پروٽوڪول جو ايڏو ڪو مسئلو ڪونهي ان ڪري اتي عام ماڻهو به وزير اعظم سان روزانو ملندا آهن. تاريخ ۾ عدل جهانگيري به مشهور آهي جو هن پنهنجي محل جي ٻاهران هڪ گھنڊ هڻائي ڇڏيو هيو جيڪو ماڻهو وڄائي پنهنجي فرياد ٻڌائيندا هيا. پر هاڻي ان قسم جا گھنڊ فقيرن ۽ درويشن جي مقبرن تي لڳل آهن، زندهه اڳواڻن ان قسم جا آواز ۽ فريادون ٻڌڻ ڇڏي ڏنيون آهن. قصور ۾ ته اهو واقعو ٿيو ۽ ماڻهو اٿي پيا ۽ حڪمرانن جون وايون بتال ٿيون پر سنڌ به اهڙن سورن کان آجي ناهي، اهڙا واقعا روز بروز ٿيندا رهن ٿا. ڪجهھ سال اڳ منهنجي ڪلاس ميٽ سي.اينڊ.ايس گورنمينٽ ڪاليج جي پرنسپل نثار ميمڻ جي نوجوان پٽ سان به اهڙو ئي واقعو شڪارپور ۾ ٿيو هيو ۽ ان کان پوءِ مسلسل اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا. اخباري رپورٽن مطابق سنڌ اندر گذريل سال ۾ 600 عورتون قتل ٿيون آهن ۽ سنڌ صوبو عورتن تي تشدد ۾ سڀ کان اڳتي آهي جن جا ڏيڍ سال ۾ 7900 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. سنڌ جي جيلن ۾ 226 عورتون ۽ 233 ٻار پڻ هن وقت تائين جيلن ۾ قيد آهن جن مان ڪراچي جيل ۾ 178 ٻار، حيدرآباد جيل ۾ 19، لاڙڪاڻي جيل ۾ 13 ۽ سکر جيل ۾ 23 ٻار قيدي بڻيل آهن. اوهان سمجھي سگھو ٿا ته جيلن ۾ انهن ٻارن جي ڪهڙي اخلاقي تربيت ٿيندي هوندي. مجرم قيدين سان رکي ٻارن جو ڇا حشر ٿيندو هوندو. هونءَ به اسانجي جيلن ۾ انگريزن جي زماني جا غلامي وارا قانون لاڳو آهن، جن ۾ ماڻهن کي بي عزت ڪيو ويندو آهي ۽ ٿاڻن ۾ اگھاڙو ڪري مارڻ جي روايت آهي. ان کانپوءِ جيلن ۽ ٿاڻن مان جڏهن ماڻهو ٻاهر نڪري ٿو ته پوءِ پرو چانڊيو ۽ محب شيدي بڻجي نڪري ٿو. سنڌ ۾ عورتن جي فرياد ٻڌڻ وارو ڪو به ادارو، پير، فقير، وڏيرو، چيئرمين يا عالم دين ڪونهي. سڄي سنڌ ۾ رڳو 7 وومين ٿاڻا آهن پر انهن کي به اختيار ۽ سهولتون ناهن ۽ نه وري ڪا ايف آءِ آر داخل ٿئي ٿي. عام پوليس آفيسر ماڻهو جو منهن ڏسي مٺائي گھرن ٿا يا وري پنهنجن ڀوتارن جو چوڻ وٺن ٿا. سنڌ سرڪار جا عورتن جي جيل وارا منصوبا رولڙي جو شڪار آهن. مختلف جيلن ۾ عورتن کي الڳ رکڻ وارن ڪمرن جي به اڻ هوند آهي، ان منصوبي تي 2014ع ۾ ساڍا 4 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن پر اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگھيو آهي. اخباري رپورٽن مطابق گذريل ڏيڍ سالن ۾ 1500 کان وڌيڪ معصوم نينگرين سان ڏاڍائي ڪري کين ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي وئي جن جي عمر 5 کان 15 سال هئي ۽ ان کان وڌيڪ تعداد ۾ زيادتي بعد قتل ۽ اغوا جا واقعا رپورٽ نه ٿي سگھيا آهن. ان سلسلي ۾ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي او ”ساحل“ هڪ تفصيلي رپورٽ شايع ڪئي آهي ۽ هي واقعا خيرپور ميرس، گھوٽڪي، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ضلعن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿيا آهن. جيڪڏهن 9 سال پهريون فضيلا سرڪي جهڙي معصوم نياڻي جي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ها ته ان قسم جا واقعا گھٽ ٿين ها. عورتن تي تشدد جي خلاف ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ 2013ع کان لاڳو آهي ۽ سنڌ چائلڊ مئريج ايڪٽ، وومين هراسمينٽ ايڪٽ 2010ع ۽ ڪيترائي ٻيا بل 2013 کان منظور ٿيل آهن پر سرڪار سڳوري انهن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ سنڌ ۾ وومين ڪرائسز سيل به بيڪار آهن جو دارالامان ۾ به عورتن کي تحفظ نٿو ملي ۽ مائٽ انهن کي هٿ ڪري پنهنجي مرضيءَ سان شاديون ڪرائي ڇڏين ٿا. اسانجو وڪيل دوست علي حسن مغيري جنهن جو تعلق قمبر ۽ لاڙڪاڻي ضلعي سان آهي، اهو اهڙا جبري شادين وارا ڪيس کڻي غريب عورتن جي داد رسي ڪندو رهي ٿو. اهو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن عورتن کي زبردستي مار ڪُٽ ڪري ۽ پوليس جا ڪيس ٺاهي کين پهاڙي علائقن ۾ اهڙين جاين ٿي رکيو وڃي ٿو جتي ڪو موبائل فون جو سگنل به نٿو پهچي. اسانجي هڪ ٻئي سياسي دانشور دوست انور خان مهر به هڪ دفعو صوبائي محتسب سنڌ جي هڪ سيمينار ۾ جيڪو ڪراچي جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ منعقد ٿيو هيو. ان ۾ هن ٻڌايو ته سنڌ جا 90 سيڪڙو نڪاح عورتن جي مرضي مطابق نٿا ٿين. نڪاح جون سڀ ڳالهيون، شرط ۽ شروط والدين طئي ڪن ٿا ۽ پوءِ پنهنجن نياڻن کي بنا پڇڻ جي رخصت ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو گذريل سال قانون هجڻ جي باوجود 200 کان وڌيڪ جبري شاديون ٿيون آهن. سنڌ جي عورتن جي ترقي وارو کاتو غير فعال ثابت ٿيو آهي جو 15 منصوبن تي هن وقت تائين هڪ رپيو به خرچ نه ڪري سگھيو آهي ۽ هلندڙ مالي سال دوران شهيد بينظير آباد ۾ ورڪنگ وومين هاسٽل، سکر وومين ڊولپمينٽ ڪامپليڪس ۽ ٻين ضلعن جي 16 شهرن ۾ وومين ڪامپليڪس سيل قائم ڪرڻ جي منصوبي جي لاءِ 5 ڪروڙ 90 لک رپيا رکيا ويا ۽ گھرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي بحالي واري منصوبي تي به عمل نه ٿي سگھيو ۽ ميرپوخاص ۾ عورتن لاءِ ڊسپلي ۽ سيلز ريسورس سينٽر قائم ڪرڻ ۽ ٺٽي ۾ وومين ڪلب قائم ڪرڻ جي منصوبي تي هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو ويو. سنڌ ۾ عورتن کي ٻاهه ڏئي يا تيزاب هاري ساڙڻ جا واقعا به وڌي ويا آهن ۽ روزانو 2000 کان وڌيڪ عورتون نفسياتي مرضن سبب اسپتالن جو رُخ ڪن ٿيون، پيرن فقيرن ۽ تعويزن وٺڻ لاءِ الڳ وڃن ٿيون. ايڌي سينٽر ڪراچي ۾ 1800 عورتون گھريلو جهيڙن ۽ نفسياتي تشدد سبب جي ڪري رهيل آهن.

سنڌ ۾ عورتن پاران خلع ۽ طلاق وٺڻ جي انگ ۾ حيرت انگيز اضافو ٿي رهيو آهي. اخباري رپورٽن مطابق گھريلو تشدد ۽ ناچاڪين سبب گذريل ٻن سالن ۾ رڳو حيدرآباد شهر ۾ 2878 ڪيس طلاق وٺڻ لاءِ عورتن پاران داخل ڪيا ويا.

جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ گذريل 8 سالن ۾ ڏيڍ لک کان وڌيڪ طلاقون ٿيون آهن. ان کان علاوه قبيلي جي جرڳن ۽ مصالحتي ڪاميٽن ۾ خلع ۽ طلاق وٺندڙن جو تعداد الڳ آهي.

1999ع کان گڏيل قومن طرفان عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو پر عورتن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي جاري آهي ۽ اها تيستائين رهندي جيستائين عورتن کي برابري جي بنياد تي تعليم ۽ روزگار جي ذريعا نه ملندا ۽ اهو دوزخ جو دونهون وڌنڌو رهندو ۽ زينب جهڙيون معصوم ڇوڪريون قيامت ڏينهن اهو سوال پڇنديون ته ”مونکي ڪهڙي ڏوهه ۾ ماريو ويو“ بقول ڀٽائي:

ڀينَرُ! هِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونهون؛

سَوارو سُونهون، پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي!

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے