22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

مال روڊ احتجاج !

غلام حسين لغاري

مخالف ڌر سان لاڳاپيل ڪجهه سياسي ڌريون جن جي بظاهر اڳواڻي پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ڪري رهيو آهي،18 جنوري کان لاهور ۾ حڪومت مخالف طاقت جو مظاهرو ڪرڻ وڃي رهيون آهن.هن احتجاج جو مک مقصد ن ليگ حڪومت کي وقت کان اڳ ڪيرائڻ ۽ ماڊل ٽائون سانحي جي جوابدارن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائڻ آهي.منهاج القران سيڪريٽريٽ لاهور جيڪو مذهبي مرڪز سڏيو وڃي ٿو هن وقت سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آهي.ڊاڪٽر طاهرالقادري ڪجهه سال پهريان به اسلام آباد ۾ هن قسم جو احتجاج ڪري ۽ ڌرڻو هڻي چڪو آهي، جنهن ۾ به ساڳيون ڌريون شامل هيون جيڪي ايندڙ احتجاج ۾ شامل ٿينديون،پر هن ڀيري اها ڌر پ پ پ به شامل ٿي رهي آهي جيڪا اڳ واري ڌرڻي ۾ شامل نه هئي البته اسلام آباد واري ان لڳل ڌرڻي جي سخت مخالفت ڪئي هئي ۽ ان ڌرڻي کي پارليامينٽ جي بقا ۽ جمهوريت مخالف ڌرڻو قرار ڏنو هو ۽ پارليامينٽ کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ وارو عزم ڪيو هو.ڊاڪٽر طاهر القادري اهو آهي جنهن پ پ پ حڪومت جي دور ۾ به ڌرڻو هنيو هو، جيڪو هن پ پ پ اڳواڻن جي زور ڀرڻ ۽ سندس مطالبن کي مڃڻ واري خاطري ڪرائي ختم ڪيو هو.بهرحال ايندڙ هفتي لاهور ۾ ٿيندڙ احتجاج ۽ لڳندڙ ڌرڻو ان وقت لڳي رهيو آهي، جڏهن ملڪ اندر اڳ ۾ ئي بحران موجود آهي،سرحد تي ڇڪتاڻ وارو ماحول آهي ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ پاڪستان مٿان سخت مالي پابنديون هڻڻ سان گڏ ڌمڪيون به ڏنيون آهن ۽ پوري قوم جو نظرون اڀرندڙ نئين سياسي بحران طرف آهن.

ڊاڪٽر طاهرالقادري ۽ پي ٽي آءِ سميت سندس اتحادي پارٽين تي ڪنهن به قسم جي ميار نه ٿي ٺهي، ڇاڪاڻ ته اهي ن ليگ سرڪار ٺهندي ئي ان خلاف ڇڪتاڻ واررو ماحول پئدا ڪيو ۽ ان کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ۾ رهيون آهن پر پ پ پ جي ڪوچيئرمن ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو منهاج القران سيڪريٽريٽ ۾ پهچڻ ، ڊاڪٽر طاهرالقادري سان ملاقات ڪرڻ ۽ ماڊل ٽائون سانحي تي حڪومت مخالف تحريڪ ۾ سندس جو ساٿ ڏيڻ ۽ پارٽي قيادت کي ڊاڪٽر طاهرالقادري جي سڏايل اي پي سي ۾ موڪلڻ پوري قوم کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته آخر پ پ پ قيادت کي اها ڪهڙي مجبوري نظر آئي آهي جو اها ن ليگ حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ جنهن جو مدو به پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ نيون چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن، جن جو هو وقت به وقت اظهار ڪندا رهيا آهن،حڪومت مخالف احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو اٿن ۽ ن ليگ سرڪار کي آخري مرحلي تي ڪيرائڻ جو ڪهڙو مقصد سوچيو اٿن، جيڪڏهن پ پ پ قيادت کي ماڊل ٽائون جي شهيدن سان ايتري همدردي آهي ته پوءِ ٽي سال اڳ اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻي ۽ احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ کان پاسيري رهي.جيڪڏهن سموريون سياسي ڌريون ان وقت ئي ماڊل ٽائون سانحي تي گڏجي احتجاج ڪن ها ته شايد ايندڙ احتجاج جي ضرورت نه پوي ها ۽ واقعي ۾ ملوث ڌريون پنهنجي ڪيفر ڪردار تائين پهچي به چڪيون هجن ها.

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري جي اڳواڻي ۾ جيڪو احتجاج ايندڙ هفتي مال روڊ لاهور تي ٿيڻ وڃي رهيو آهي،اهو ڪيترو ڪامياب ٿي سگهي ٿو ۽ حڪومت کي وقت کان اڳ وڃڻو پوندو اها الڳ ڳالهه آهي پر قوم اهڙي احتجاج جي سياسي مقصدن کان پوري ريت واقف آهي ته مخالف ڌريون ڊاڪٽر طاهر القادري کي اڳيان آڻڻ ، استعمال ڪرڻ ۽ مفاد حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون .حقيقت اها آهي ته سياسي ڌرين کي ماڊل ٽائون سانحي يا وري ڪنهن ٻئي سانحي سان دلچسپي گهٽ آهي ۽ پنهنجو سياسي مفاد وڌيڪ عزيز آهي.هر دور حڪومت ۾ انهي قسم جا سانحا ۽ واقعا سامهون ايندا رهيا آهن، جن تي سدائين سياست ٿيندي رهي آهي ۽ عوام جي همدردي حاصل ڪئي ويندي آهي.، ته جيئن سندن ووٽ بئنڪ ۾ اضافو ٿئي.پارليامينٽ جو مدو پورو ٿيڻ ۽ پنهنجي وقت تي چونڊون ٿيڻ جو ذڪر ڪندڙ پارٽيون هاڻ ڪهڙي سبب وقت کان اڳ چونڊون ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيون آهن تنهن لاءِ پوري قوم سمجهي ٿي.هڪ ته سينيٽ جون چونڊون جيڪي مارچ ۾ ٿيڻ وڃي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن ٿين ٿيون ته ن ليگ سينيٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪندي جنهن سان پ پ پ جو نقصان آهي جيڪا اقليت ۾ هلي ويندي ۽ ان جو چيئرمن به پنهنجي سيٽ وڃائي ويهندو جنهن کان پ پ پ  ڊنل آهي.پي ٽي آءِ قيادت به اهڙي ڊپ ۾ ورتل آهي جيڪا پڻ وقت مارچ کان اڳ حڪومت جو خاتمو چاهي ٿي.اهوئي وڏو ڪارڻ آهي جو اهي مک وڏيون پارٽيون جيڪي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي ڪاميابي جي اميد رکن ٿيون وقت کان اڳ چونڊن جون خواهشمند آهن.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ن ليگ جي حڪومت توڙي ان جي قيادت پوري ريت سياسي مخالفت ۽ ادارن جي پڪڙ ۾ اچي چڪي آهي ۽ ادارن مٿان سخت تنقيد ۽ انهن جي احتساب جا دڙڪا ڏنا پيا وڃن،مخالف ڌر به ن ليگ کي سخت وقت ڏئي رهي آهي پر مال روڊ وارو احتجاج شايد ئي ڪو ڪنهن کي لاڀ ڏئي سگهي، جنهن جي اميد رکي پئي وڃي.ڪهڙي به صورت ۾ ملڪي ادارا ڪنهن به سياسي ڌر کي راضي ڪرڻ لاءِ يا انهن جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻندا يا فيصلا ڪندا ۽ چونڊون شيڊول مطابق ڪرائيندا ته جيئن جمهوريت جو تسلسل قائم ۽ دائم رهي سگهي ڇاڪاڻ ته ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ آمريڪي ڌمڪين کي نظر ۾ رکندي ادارا ڪو به جذباتي قدم کڻڻ پسند نه ڪندا.مال روڊ ڌرڻي سان پ پ پ سميت ڪنهن به ڌر کي ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو ، اڃا به ن ليگ جو ووٽ بئنڪ وڌندو جنهن جو ڪارڻ اهو به آهي ته پنجاب جو ووٽر هاڻ قومپرستي ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ اهو ن ليگ ۽ شريف ڀائرن جو همدرد ٿي چڪو آهي.هن وقت تائين پنجاب ۾ جيڪي به ضمني چونڊون ٿي چڪيون آهن تن ۾ ن ليگ سرسي حاصل ڪئي آهي.جيڪڏهن وقت کان اڳ ن ليگ حڪومت ختم ٿئي ٿي اڃا به ن ليگ مظلوم بڻجي اڀرندي جنهن سان مخالف ڌر جي سياسي پارٽين جو ئي پنهنجو نقصان ٿيندو. مخالف ڌريون رڳو پنهنجي صوبن جو ووٽ بئنڪ بچائين ته اها ئي وڏي ڳالهه هوندي.بهرحال جمهوريت ۽ ملڪي مفاد وٽان بهتر اهو ٿيندو ته حڪومت کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ ۽ چونڊون وقت تي ڪرائڻ واري سوچ اختيار ڪئي وڃي باقي رهيو ماڊل ٽائون سانحو تن جي جوابدارن کي ضرور سزا ملڻ گهرجي ۽ انهن جو ڪڙو احتساب ٿيڻ گهرجي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے