24 آچر , جون 2018

ڪراچي جي اصل آبادي ڪيتري آهي؟

بابر  اياز

جيتوڻيڪ اسان 21هين صدي ۾ گهاري رهيا آهيون پر افسوس مان چوڻو پوي ٿو ته اسان ”ڳڻپ“ کي تمام گهٽ اهميت ڏيندا آهيون، اها حقيقت ان وقت اڃا به کلي نموني آڏو ايندي آهي جڏهن قومي آدمشماريءَ جي ڳالهه ٿيندي آهي جيڪا ملڪ ۾ هر قسم جي منصوبابندي لاءِ انتهائي اهميت رکندي آهي، حڪومت 19 ورهين جي ساهي کان پوءِ نيٺ سپريم ڪورٽ جي دٻاءَ تي آدمشماري ڪرائي جڏهن ته آئين موجب اها آدمشماري هر ڏهن سالن کان پوءِ ٿيڻ گهرجي. ان آدمشماري جي شروعاتي نتيجن کي خاص طور تي سنڌ سرڪار پاران چئلينج ڪيو ويو. ان مهم جي اڳواڻي پ پ جي سينيٽر تاج حيدر ڪئي جيڪو انتهائي محنت سان ڪم ڪندو آهي. ڪراچي ۾ رهندڙ ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ ان آدمشماري جي انگ اکرن جي صحيح هجڻ تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي.

2017 جي آدمشماري جي انگن اکرن موجب ڪراچيءَ جي ٻهراڙي ۽ شهري آبادي 16 ملين جي لڳ ڀڳ آهي (ڪراچي جي ٻن ضلعن کي ٻهراڙي قرار ڏيڻ جو طريقي ڪار ڇا هو، تنهن تي حيرت آهي، بهرحال ان معاملي تي پوءِ ڪڏهن لکبو). جيڪڏهن ڪراچي جي آدمشماري جي شروعاتي نتيجن کي مڃي وٺجي ته ان جو مطلب اهو آهي ته گذريل 19 سالن ۾ شهر جي آبادي ۾ 2.5 سيڪڙو جي تناسب سان واڌارو ٿيو آهي جنهن تي اعتبار ڪرڻ مشڪل آهي، 1947ع ۾ ملڪ ٺهڻ کان پوءِ ڪراچي جي آبادي ۾ واڌ جو تناسب 3.5 سيڪڙي کان گهٽ نه هيو. ان تناسب موجب ڪراچي جي آبادي 19 ملين ٿيندي، 16 ملين نٿي ٿي سگهي، جيئن هن آدمشماري ۾ ڏيکاريو ويو آهي. باوجود ان جي ته نه رڳو ٻين صوبن پر سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن مان به وڏي انگ ۾ ڪراچي ۾ لڏپلاڻ ٿي آهي ٻيو ته ڇڏيو افغانستان، بنگلاديش ۽ ميانمار جهڙن ڪن ملڪن جا ماڻهو به هتي اچي رهيا آهن.

ايئن ٿو لڳي ته آدمشماري ڪرائڻ وارن گذريل 19 سالن ۾ ٻاهران آيلن کي ڪراچي جي آباديءَ ۾ ڳڻيو ئي ناهي.ڪراچي جي آبادي کي گهٽ ڳڻائڻ جو هڪ سبب شايد اهو آهي ته خيبر پختونخوا ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي ٻين علائقن مان ڪراچي ايندڙ ماڻهن وٽ جيڪو قومي سڃاڻپ ڪارڊ آهي، تنهن تي انهن جي اباڻي ڳوٺ يا شهر جو پتو ڏنل آهي. تنهن ڪري ان ڳالهه جو پورو امڪان آهي ته انهن ماڻهن کي سندن مستقل رهائش واري شهر ۾ ڳڻيو ويو هجي. اهو صحيح آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي ٻن جڳهن تي ناهي ڄاڻايو ويندو پر اها به حقيقت آهي ته ڪراچي ۾ آيل ٻاهران به ڄڻ ته هاڻي مستقل ڪراچيءَ جا رهواسي ٿي ويا آهن ۽ مستقل بنياد تي  ڪراچي جا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهن. ڳڻپ ڪيتري به هجي پر حقيقت اها آهي ته ڪراچي کي لڳ ڀڳ 22 ملين ماڻهن جي گهرجن کي پورو ڪرڻو هوندو آهي.

الميو ته اهو به آهي ته شهري سهولتن ۾ سرمائيڪاري ڪڏهن به آبادي ۾ واڌاري جي تناسب مطابق ناهي رهي. نتيجي ۾ شهري سهولتون آبادي جي حساب سان اڻ پوريون ٿي پون ٿيون. مافيا ته پنهنجن گهرجن کي ڪيئن نه ڪيئن پورو ڪري ٿي پر غريب عوام سهولتن کان محروم رهجي وڃي ٿو. مثال طور ٽن وڏن شعبن هائوسنگ، ٽرانسپورٽ ۽ پاڻي کي ڏسو. هائوسنگ جي طلب ۽ سپلاءِ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 200 يونٽس جي حساب سان خال وڌي رهيو آهي.

اسان گذريل 30 کان 40 سالن ۾ شهر اندر غريب پورهيتن طبقن لاءِ هڪ به هائوسنگ اسڪيم جي باري ۾ ناهي ٻڌو. جڏهن ته امير ماڻهن لاءِ هائوسنگ اسڪيمن جو انگ وڌندو پيو وڃي. ڊفينس اسٽيبلشمينٽ کي وڏي پيماني تي هٿي ملي جڏهن ته غريبن کي قبضا مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو. هڪ موثر ذريعي موجب ان صورتحال جي نتيجي ۾ تقريبن هر ٽيون ماڻهو ڪچي آبادي ۾ رهي ٿو.

اهي آباديون زمين تي قبضو ڪرڻ وارن طرفان ٺاهيون وينديون آهن، جتي شهري سهولتن جي صورتحال انتهائي خراب هوندي آهي. صوبائي ۽ سٽي گورنمينٽ ٻئي پاڻي جو مناسب مقدار مهيا ڪري ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. 1.18 ايم جي ڊي جي طلب جي مقابلي ۾ سپلاءِ انتهائي گهٽ آهي. پاڻي سپلاءِ جي ان کوٽ، ٽينڪر مافيا کي زبردست موقعو ڏنو آهي، اها مافيا مقامي بيورو ڪريسي ۽ سياستدانن جي ملي ڀڳت سان پلجندي آهي ۽ 3000 گيلن پاڻي جا 5000 رپيا وصول ڪري رهي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪراچي جي روڊن تي هلندڙ پاڻي جي وڏن ٽينڪرن تي پاڪستان جي ڪن ڏورانهن شهرن جو رجسٽريشن نمبر هوندو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته اهي ٽينڪر شهرن جا روڊ ته استعمال ڪن ٿا پر ان شهر کي روڊ ٽيڪس يا وهيڪل رجسٽريشن ٽيڪس ادا ناهن ڪندا. ٽيون اهو ته شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي گهرج ۽ سپلاءِ ۾ وڏو خال آهي. حقيقت اها آهي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي موجودگي 22 هزار بسن ۽ مني بسن مان گهٽ ٿي رڳو 8 هزار وڃي رهي آهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ان کوٽ سبب شهرن ۾ 50000 جي لڳ ڀڳ چنگچي رڪشائون ۽ 1.5 ملين موٽر بائيڪس روڊن تي آهن. صوبائي حڪومت گرين لائن بس سروس تي ڪم ڪري رهي آهي پر اها شيڊول کان ڪافي پوئتي آهي ۽ سفر ڪندڙ ماڻهن جي گهرجن کي پورو نه ڪري سگهندي، ڪيترن سالن کان مختلف حڪومتون ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي جي باري ۾ گهڻو ڪجهه چونديون رهيون آهن، هاڻي اهو خواب سي پيڪ جي جادوءَ جي لٺ سان ڳنڍيو ويو آهي.

شهري سهولتن جي کوٽ، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، بيورو ڪريسي، سياستدانن ۽ خانگي شعبي جي مافيا جي بدعنواني لاءِ هڪ وڏي دري کولي ڏني آهي، ڇا ان سيوڪ ڪرائيم جو ازالو ارادتن ڪيو پيو وڃي يا اها رڳو اسان جي حڪمرانن جي نااهلي آهي جيڪي پنهنجا فرض پورا نٿا ڪري سگهن. صورتحال ڪهڙي به هجي، آبادي جي حقيقت جوڳن انگن اکرن جي غيرموجودگي ۾ ڪا معروضي منصوبابندي يا وسيلن جي مناسب نموني ورڇ ممڪن ناهي.

(ڪالم نگار فري لانس صحافي ۽ ليکڪ آهي)

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے