22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

بلوچستان ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ

غلام مصطفيٰ جمالي

                         بلوچستان جي نئين وڏي وزير جي چونڊ جي لاءِ عبدالقدوس بزنجو ۽ آغا سيد لياقت جي وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ جملي 54ميمبرن حصو ورتو جنهن مان 41ووٽ حاصل ڪري ميرعبدالقدوس بزنجو بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ آيل آغا سيد لياقت کي صرف 13ووٽ پيا جڏهن ته ٻين ميمبرن اليڪشن ۾ حصو نه ورتو هو.

عبدالقدوس بزنجو جو تعلق ق ليگ پارٽي سان آهي جيڪو نواب نثاالله زهري جي استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ چونڊيو ويو آهي،وڏي وزير واري عهدي لاءِ ٽن ميبرن پنهنجا فارم جمع ڪرايا هئا جن ۾ عبدالقدوس بزنجو،آغا سيد لياقت ۽ عبدالرحيم زيارتوال شامل هو،جڏهن ته عبدالرحيم زيارتوال پنهنجي ئي جماعت جي اميدوار آغا لياقت جي حق ۾ هٿ کڻي ويو هو.

ميرعبدالقدوس جو تعلق بلوچستان جي هڪ پٺتي پيل ضلعي آواران سان آهي،جڏهن ته هو ضلعي آواران جي تعلقي جهل ۾ 1974۾ پيدا ٿيو.پهرين هو سن 2002ع ۾ ضلع آوارن جي سيٽ سان اسميبلي ميمبر ٿيو ۽ 2002ع کان وٺي 2007ع تائين لائيواسٽاڪ کاتي جو وزير رهيو،جڏهن ته 2013ع جي چونڊن ۾ هو ٻيهر اسيمبلي ميمبر چونڊجي آيو.

بلوچستان جي وڏو وزير ثناءُالله جي خلاف جڏهن بي اعتمادي واري تحريڪ شروع ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ان وقت ڪجهه ماڻهن پاران اهڙا اشارا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته اهو ڊارمو سينيٽ جي ايندڙ چونڊن کي متاثر ڪرڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي،جڏهن ته اها تحريڪ اصل ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن کي بلوچستان اندر ڪمزور ڪرڻ ۽ وڌيڪ سيٽون نه کڻڻ جي ڪري هلائي وئي آهي،جڏهن ته هن وقت بلوچستان جي اسيمبلي اندر پاڪستان مسلم ليگ ن جون ڪل 26 سيٽون آهن،جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جون ڪل 27 سيٽون آهن، ان ڪري جيڪڏهن مارچ اندر سينيٽ جون چونڊون ٿين ٿيون ته اهو واِضع امڪان آهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي هن وقت جيڪي اسيمبلي اندر ڪل 27 سيٽون آهن جي وڌي وڌي ڪري وڌ ۾ وڌ 32تائين ٿي وينديون.

هن وقت پاڪستان مسلسم ليگ ن وٽ بلوچستان اسميبلي اندر صررف 21 ميمبر موجود آهي،جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ن ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ ٽي يا چار سينيٽر چونڊرائي سگهي ٿي،پر موجوده صورتحال کي ڏسي ڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته هن وقت جيڪي پاڪستان مسلم ليگ ن وٽ 21سيٽون موجود آهن اهي به اڳيان هلي وٽس موجود نه رهن ڇو ته اها ڳالهه به واضع آهي ته اڳيان هلي اهي ميمبرن پنهنجي پنهنجي مرضي سان پارٽين ۾ شمولت ڪندا،هن وقت بلوچستان جا پنج مميبر ملي ڪري هڪ سينيٽر مقرر ڪندا جيڪو هڪ هڪ ميمبر جي انفرادي اهميت کي اهم بڻائي ڇڏيندو آهي،هن وقت پاڪستان مسلم ليگ ن جي مقابلي ۾ شامل ٻئي وڏيون جماعتون جنهن اندر پشتونخوا جون ڪل 14نيشل پارٽي وٽ 11۽ جميعت علماءِ اسلام وٽ 8سيٽون موجود آهن،جيڪي ڪهڙي به صورتحال اندر سينٽ جي چونڊن ۾ پنهنجو حصو پاڪستان مسلم ليگ ن جي حصي ۾ نه وجهندا،جڏهن ته انهن پارٽين مان پختونخوا ايندڙ اليڪشن ۾ هڪ يا ان کان وڌيڪ جڏهن ته جميعت علماءِ اسلام ٻه سيٽون ته ضرور حاصل ڪندي.جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ق جي به هڪ سيٽ واضع آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے