22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

بيٽسمينن جي خراب ڪارڪردگي شڪست جو سبب بڻي: سرفراز احمد

ڊيونيڊن (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو  آهي ته بيٽسمينن جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيان، سيريز هارجي چڪا آهيون پر ايندڙ ٻئي ميچون کٽڻ جي حڪمت عملي تيار ڪنداسين. ڊيونيڊن ۾ کيڏيل ٽين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ هٿان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سرفراز احمد افسوس جو اظهار ڪندي سڄو ڏوهه بيٽسمينن جو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته ٽيم جي بيٽسمينن جي ڪارڪردگي مون کي ڏاڍو مايوس ڪيو آهي، بالرن پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو پر بيٽسمينن ان تي به پاڻي ڦيري ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان سيريز ته هارجي ويا آهيون پر هاڻي ايندڙ ٻئي ميچون کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے