17 اربع , جنوري 2018

پاڪستاني ٽيم کي گهڻو اڳ نيوزيلينڊ موڪليو وڃي ها: وسيم اڪرم

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم کي نيوزيلينڊ هٿان لاڳيتي ٽين شڪست  اڳوڻي ڪپتان  وسيم اڪرم کي وڏو ڌڪ ڏئي ڇڏيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي  پروگرام ۾ ڳالهائيندي سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم چيو آهي ته مان صبح ميچ ۾ وقفي دوران ورزش لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتس ۽ جڏهن  50 منٽن کانپوءِ موٽي آيس ته 6 پاڪستاني رانديگر پويلين روانا ٿي چڪا هئا، جنهن سان مون کي جهٽڪو لڳو. هن چيو ته نيوزي لينڊ جو  دورو  ڏکيو  هوندو  آهي، اسان جي دور ۾ به ٽيم مايوس  ٿي ويندي هئي پر اسان مقابلو ڪري هارائيندا هئاسين ۽ باڊي لينگوئيج هاڪاري رکندا هئاسين  پر هن ٽيم جي باڊي لينگوئيج تمام ڊائون لڳي رهي آهي. وسيم  اڪرم قومي ٽيم  جي نيوزيلينڊ دوري واري شيڊيول تي تنقيد ڪندي چيو ته ٽيم کي اتان جي ڪنڊيشن جو  اندازو  هڻڻ گهرجي ها، گهڻو اڳي ئي ٽيم کي نيوزيلينڊ موڪليو وڃي ها ۽ اتي پاڪستان کي پريڪٽس ميچون به گهڻيون کيڏايون وڃن ها.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوزي لينڊ پاڪستان کي مسلسل چوٿين ون ڊي ۾ به شڪست ڏئي ڇڏي

هملٽن(ويب ڊيسڪ) نيوزي لينڊ چوٿين ون ڊي ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے