25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ٽماٽو اسڪن ڪيئر لاءِ به بهترين ميوو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽماٽو روز مرهه جي غذا جو اهم جز آهي ۽ کائڻ جي ذائقي کي چار چنڊ لڳائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته جنهن کي ماڻهو ڀاڄي سمجهن ٿا اهو هڪ ميوو آهي. اهو ٽماٽو کاڌي کي ته مزيدار بڻائيندو آهي پر جيڪڏهن ان کي رکو کاڌو وڃي تڏهن به اهو مزو ڏيندو آهي. پر ٽماٽو رڳو کائڻ جي حد تائين فائديمند ناهي پر اهو چهري جي چمڪ ۽ شادابي لاءِ به انتهائي ڪارآمد آهي. ٽماٽي کي مختلف طريقن سان استعمال ڪري چهرن کي نکاري سگهي ٿو مثلن:

کيري ۽ ٽماٽي جو ماسڪ:

 اهو ماسڪ هر عمر جي عورت لاءِ مفيد آهي اهو ماسڪ بي رونق جلد کي رونق ڏيندو ۽ چهري تي تازگي آڻيندو، ان ماسڪ کي بڻائڻ لاءِ جيڪي شيون گهربل آهن انهن ۾ کيرو، ٽماٽو، ۽ ليمي جي رس جا چند قطرا گهربل آهن.

ماسڪ بڻائڻ جي ترڪيب:

اڌ ڪوپ ٽماٽي جي پيسٽ

اڌ ڪٽيل کيرو (پيسٽ)

ليمي جا ڪجهه قطرا

انهن سمورين شين کي پاڻ ۾ گڏائي پنهنجي چهري تي سٺي طرح لڳايو. ان کي 15 منٽن تائين ڇڏي ڏيو، ان کان پوءِ چهري کي سٺي طريقي سان ڌوئي ڇڏيو ۽ چهرو سُڪڻ کان پوءِ موئسچرائزر لڳائي ڇڏيو.

منجهيل جلد لاءِ ماسڪ:

اهو ماسڪ توهان جي چهري کي ٻيهر اها ئي تازگي ڏيندو جيڪا وڃائجي وئي آهي. پر ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته ان کي روزاني جي بنياد تي عمل ۾ آڻيو جيئن جلد کان جلد سٺا نتيجا ملن.

هڪ ٽماٽي جي پيسٽ

چند قطرا ليمي جي رس

هڪ چپٽي دار چيني

ماسڪ بڻائڻ جي ترڪيب:

سمورين شين کي پاڻ ۾ گڏائي چهري تي لڳائي ڇڏيو. 20 منٽن کان پو3 ماسڪ کي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو، ان سان اسڪن تي موئسچرائزر لڳائي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيءَ ۾ چپن کي محفوظ رکڻ جا گهريلو ٽوٽڪا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڻي جي گهٽتائي، سگريٽ نوشي، غذائي کوٽ سبب يا مخصوص شئين جي استعمال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے