20 خميس , سيپٽمبر 2018

خورشيد شاهه  بلوچستان جي نئين چونڊيل وڏي وزير جي مقرري کي عوام جي ترقي لاءِ اهم قدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته بلوچستان جي نئين چونڊيل وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جي مقرري عوام جي ترقي لاءِ اهم قدم آهي. تفصيل موجب خورشيد شاهه پنهنجي بيان ۾ عبدالقدوس بزنجو جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کيس بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجڻ تي واڌايون ڏيندي چيو ته اميد ٿا ڪيون ته عبدالقدوس بزنجو عوام جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. مخالف ڌر اڳواڻ ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي تنقيد جا تير وسائيندي چيو ته ن ليگ هميشه عوام کي سياسي نعرن ۽ ڪوڙن وعدن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو، بلوچستان جو عوام هاڻ ن ليگ جي کوکلن نعرن پٺيان وڃڻ وارو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے