19 جمعہ , جنوری 2018

ڀارتي آرمي چيف جو بيان غير ذميواراڻو ۽ افسوس جوڳو آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جو بيان غير ذميواراڻو ۽ افسوس جوڳو آهي، ڀارت اسان جي عزمن کي آزمائڻ چاهي ٿو ته آزمائي، ڀارت اسان جي عزمن کي آزمائڻ جو نتيجو به پاڻ ڏسندو، ڀارتي روايتي جنگ ذريعي اسان تي ڳرو پئجي سگهي ها ته هن وقت تائين پئجي وڃي ها، جوهري هٿيار کي  چوائس ناهي، گهٽ ۾ گهٽ دفاعي صلاحيت جو هٿيار سمجهون ٿا، ڀارت کي جيڪا شئي روڪي رهي آهي اها اسان جي ڀروسي جوڳي گهٽ ۾ گهٽ دفاعي صلاحيت آهي، ايٽمي صلاحيت خاص طور تي ڀارت کي منهن ڏيڻ لاءِ آهي. ڀارتي آرمي چيف طرفان پاڪستان جي جوهري طاقت جي مخالف بيان تي پاڪ فوج انتهائي دبنگ ۽ واضع پيغام پهچائي ڇڏيو آهي، ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته ٻنهي جوهري رياستن وچ ۾ جنگ جي ڪا به گنجائش ناهي، اسان پاڪستان جي خلاف ڪنهن به ڀارتي مس ايڊونچر جو جواب ڏينداسين، اسان سمجهون ٿا ته آرمي چيف هڪ ذميواراڻي مقرري هوندي آحي، آرمي چيف فور اسٽار عهدي جو آفيسر هوندو آهي. اهڙي قسم جا غير ذميواراڻا بيان اهم عهدن وارين کي نٿا سونهن، پاڪستان جي جوهري صلاحيت اوڀر کان ايندڙ خطرن لاءِ آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪنهن خوش فهمي ۾ نه رهي، ايٽمي صلاحيت خاص طور تي ڀارت کي منهن ڏيڻ لاءِ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نقيب الله محسود معاملي ۾ قاري احسان جو بيان قلمبند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايس ايس پي رائو انوار جي مبينا مقابلي ۾ مارجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے