17 اربع , جنوري 2018

جرمني ۾ ٻارن سان زيادتي ڪندڙ گروپ گرفتار

برلن(ويب ڊيسڪ) جرمني ۾ ٻارن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ 8 رڪني گروپ کي گرفتار ڪري ورتو. عالمي ميڊي  رپورٽن موجب جرمن پوليس ملڪ جي ڏکڻ علائقي بيدن ورتمبرگ مان هڪ ڪارروائي دوران ٻارن سان زيادتي ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو. گروپ تي الزام آهي ته هن هڪ 9 سالن جي ٻارڙي کي زيادتي جو نشانو بڻايو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ هڪ سوئس شهري، هڪ هسپانوي ( اسپينش)، هڪ جرمن فوج جو اهلڪار ۽ هڪ 47 سالن جي عورت به شامل آهي. ان گورپ جو هڪ آن لائن نيٽ ورڪ هو جنهن کي ان ڳڌي ڪم لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي حڪومت حج سبسڊي ختم ڪري ڇڏي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت مسلمانن کي ڏنل حج سبسڊي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے