17 اربع , جنوري 2018

ٽرمپ جي پاليسين کان تنگ اچي پاناما ۾ آمريڪي سفير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين سان اختلاف جي ڪري پاناما ۾ آمريڪي سفير استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيم ۾ اختلاف وڌندا پيا وڃن ۽ آمريڪي صدر جي پاليسين کان تنگ اچي ڪيترين ئي اختيارين رستو جدا ڪري چڪو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين کان تنگ اچي وچ آمريڪي ملڪ پاناما ۾ به آمريڪي سفير جون ڊي فيلي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. جان ڊي فيلي آمريڪي حڪومت ڏانهن پنهنجي استعيفيٰ موڪلي آهي. استعيفيٰ ڏيندڙ سفير جان ڊي فيصلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ۽ آمريڪي انتظاميا سان وفاداري سان ڪم ڪرڻ جو حلف ورتو ويو هو،   مون کي ٻڌايو ويو هو ته وفاداري نه ڪري سگهين ته عهدو ڇڏي ڏي ته اهو وقت اچي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي حڪومت حج سبسڊي ختم ڪري ڇڏي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت مسلمانن کي ڏنل حج سبسڊي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے