24 سومر , سيپٽمبر 2018

زينب قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، 3 جوابدار گرفتار

قصور(ويب ڊيسڪ) ننڍڙي زينب قتل ڪيس ۾ جاچ ٽيمين پنهنجن ڪارروائين ۾  مصروف آهن ۽ واقعي جي ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون آئي آهي تنهن هوندي هن وقت تائين قاتل قانون جي گرفت کان آزاد آهن. ذريعن موجب قصور ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل 7 سالن جي زينت جي ڪيس ۾ اهو اهم انڪشاف ٿيو آهي ته ٻارڙي کي قتل ڪندڙ جوابدار اڪيلو نه هو پر گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڄڻا ملوث آهن. سيڪيورٽي ادارن کي وڌيڪ سي سي ٽي وي فوٽيج ملي آهي جن مان خبر پئي آهي ته ٻارڙي کي وٺي ويندڙ جوابدار سان گڏ سندس ساٿي به موجود هئا. جاچ ادارن ٽن جوابدارن کي حراست ۾ ورتو آهي تنهن هوندي ٻارڙي کي وٺي ويندڙ مرڪزي جوابدار جي گرفتاري هن وقت تائين ناهي ٿي. زينب جي ڊي اين اي رپورٽ مان وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون. آخري جوابدار جي گرفتار کان پوءِ وڏي وزير شهباز شريف ميڊيا بريفنگ ۾ عوامي کي تفصيل بابت آگاهه ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے