19 جمعہ , جنوری 2018

انصاف ڪڏهن به وڪامبو ناهي، 30 مان رولڙي جو شڪار ڪيس 30 ڏينهن ۾ اُڪلايا وڃن: چيف جسٽس آف پاڪستان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار چيو آهي ته سمورن ججن کي انصاف جي فراهمي ۾ پنهنجو حصو وجهڻو پوندو، اڄ ڪلهه جيڪي فيصلا اچي رهيا آهن انهن ۾ من مرضي وڌيڪ آهي، اسان کي قوم کي وڌيڪ انتظار ۾ ناهي رکڻو، ججن جي ديانتداري تي ڪنهن شڪ نه هئڻ گهرجي، اسان کي قوم کي ٻڌائڻو آهي ته انصاف ڪڏهن به وڪامبو ناهي، اسان کي قانون جي موجب انصاف ڏيڻو آهي من مرضي سان نه، سمورا ججن عدالتن ۾ 3 مهينن کان رولڙي جو شڪار ڪيسن کي 30 ڏينهن ۾ اُڪلائن. ڪراچي ۾ جوڊيشل ڪانفرنس جي پڄاڻي وراي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته انصاف ۾ دير جي ذميواري رڳو عدالتن تي نٿي مڙهي سگهجي، قانون ۾ سستي سبب ڪيسن ۾ دير ٿيندي آهي. ملڪ جي پارليامينٽ سپريم آهي،  قانون ٺاهڻ سندس ئي ذميواري آهي. نوان قانون نه بڻيا ته اسان جي سڌارن کي ڪو به فائدو ناهي، پارليامينٽ قانون بڻائي جيڪڏهن ججن جي ڪوتاهي هئي ته ذميواري وٺندس. هڪ سول جج وٽ روزاني 150 ڪيس ايندا آهن، سول جج کي ڪيس جي ٻڌني 2 کان 4 منٽ ملندا آهن. عدالتن  ۾ اهي سهولتون موجود ناهن جيڪي هئڻ گهرجن، سهولتون اسان کي نه پر سڀ ڄاڻن ٿا ته ڪنهن کي ڏيڻيون آهن. عدالتي نظام ۾ ريفارمز جي ذميواري پارليامينٽ تي لاڳو ٿئي ٿي،. هن ججن کي مخاطب ڪندي چيو ته اهو وساري ڇڏيو ته ڪير توهان کي قانوني تبديليون ڪري ڏيندو.  اسان کي پاڻ ئي هن قوم کي فوري ۽ سستو انصاف ڏياڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے