17 اربع , جنوري 2018

ٽرمپ جو آفريقي ملڪن بابت بيان شرم جوڳو آهي: گڏيل قومون

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن آفريقي ملڪن بابت ڊونلڊ ٽرمپ جي اڻ وڻندڙ لفظن کي شرم جوڳو قرار ڏيندي چيو ته آمريڪي صدر جا لفظ صدمي جو سبب آهن ۽ ان بيان سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انتن سبتن بيانن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ هن پنهنجي هڪ  گذريل بيان ۾ سوال اٿاريو ته آفريقي ملڪن سان اميگريشن ڇو ڪئي وڃي؟ گڏيل قومن جي قانون موجب رنگ نسل جي بنياد تي ملڪن يا ماڻهن ۾ فرق نٿو رکي سگهجي پر ٽرمپ جي ان بيان سان نه رڳو دنيا ۾ نسل پرستي جي حوصلا افزائي ٿيندي پر سندس خطرناڪ بيان سان ماڻهن جون زندگيون به تباهه ٿي سگهن ٿيون.  گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن طرفان جار يبيان ۾ آفريقي ملڪن بابت ٽرمپ جي اڻ وڻندڙ لفظن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. انساني حقن واري ڪميشن طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ جا لفظ نه رڳو صدمي جو سبب آهن ۽ شرم جوڳا آهن پر هن سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي حڪومت حج سبسڊي ختم ڪري ڇڏي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت مسلمانن کي ڏنل حج سبسڊي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے