19 جمعہ , جنوری 2018

نيب جو پاناما بابت مواد حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب پاناما ڪيس بابت مواد حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي 28 جولاءِ واري فيصلي ۾ نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو جنهن بعد هو وزارت عظميٰ تان فارغ ٿيو. پاناما ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز، پٽن حسن ۽ حسين نواز، ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ اسحاق ڊار جي خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيا جن ۾ سمورن ماڻهن تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب قومي احتساب بيورو (نيب) پاناما بابت مواد حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ درخواست به تيار ڪئي وئي آهي.  ذريعن موجب نيب طرفان تيار ڪيل درخواست جي متن ۾ چيو ويو آهي ته احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ريفرنسن جي سلسلي ۾ رڪارڊ ڏنو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته واجد ضياءَ شريف خاندان جي خلات ٽي ريفرنسن ۾ اهم شاهد آهن، نيب ايون فيلڊ ۾ ضمني ريفرنس به تيار ڪري رکيو آهي،  ضمني ريفرنس ۾ وڌيڪ ٽن شاهدن جي فهرست ڏني ويندي. درخواست ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فليگ شپ ريفرنس جي معاملي تي نيب جي ٽي رڪني ٽيم آچر ڏينهن ڊي جي نيب راولپنڊي ظاهر شاهه جي سربراهي ۾ لنڊن ويندي، دوري جو مقصد گڏيل سهڪار بابت قانون تحت ثبوت حاصل ڪرڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے