17 اربع , جنوري 2018

پاڪستان ۾ جينياتي بيمارين جو پهريون ڊيٽا بيس متعارف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ جينياتي تبديلين ۽ انهن ۾ پيدا ٿيندڙ مرض جو پهريون ڊيٽا بيس تيار ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي آبادي ۾ ڪيترائي جينياتي مرض موجود آهن جن جو سبب خاص جين ۾ تبديلي آهي. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پاڪستاني مرد ۽ عورتن ۾ اهڙيون جينياتي تبديليون به رپورٽ ٿيون آهن جيڪي دنيا ۾ ٻيو ڪاٿي به ناهن جيئن ته گذريل سال ڪراچي جي مهاڻن ۾ هزارين ناڪ آئوٽ جين دريافت ٿيا جنهن جون خبرون سڄي دنيا ۾ مقبول ٿييون هون. ان جي اهم سببن ۾ برادري جون شاديون پهريون نمبر آهن جن سان هڪ خاندان جون جينياتي تبديليون وڌنديون رهنديون آهن. ڪوهاٽ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي ماهرن پاڪستاني آبادين ۾ جينياتي تبديلين جو هڪ ڊيٽا بيس تيار ڪيو آهي. هاڻي نئين ڊيٽا بيس سان موذي مرضن کي سمجھڻ ۽ انهن جي اسڪريننگ ۽ اعلاج ۾ مدد ملندو. اهڙي ريت جينياتي تبديلين جو شڪار ماڻهن لاءِ ميوٽيشن ڊيٽا بيس ۾ 1000 کان وڌيڪ جينياتي تبديليون ايلفا بيٽڪل آرڊر ۾شامل ڪيو ويون آهن جيڪي گھٽ ۾ گھٽ 120 بيمارين ۽ پيچيدگين جو سبب بڻجي رهيون آهن. پي جي ايم ڊي جي چيف ڪو آرڊي نيٽر ڊاڪٽر سعد الله خان چيو آهي ته اهو ڊيٽا بيس پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ گھڻو فائدي مند آهي جتي مائٽن سان شادي جي عام ريت آهي. سعد الله خان جو چوڻ آهي ته ڪوهاٽ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي اينڊ جينيٽڪ انجينئرنگ جو سهڪاري پروفيسر به آهي هن انهيءَ پروجيڪٽ تي هڪ رپورٽ به لکيو آهي جيڪو ڊسمبر 2017ع ۾ يورپي جنرل آف ميڊيڪل جنيٽڪس ۾ شايع ٿي آهي. پي جي ايم ڊي جي ويب سائٽ موجب ملڪ ۾ مائٽن سان شادين جي شرح 62 سيڪڙو آهي. سعد الله خان هن ٻُڌايو ته پاڪستاني آبادي ۾ رونما ٿيل جينياتي تبديليون ڪيترن ئي مسئلن جو سبب بڻجي رهيون آهن. ڇو ته مائٽن سان شادي جي حساب سان فرسٽ ڊگري ڪيفيت آهي جيڪا پاڪستانين کي جينياتي بيمارين جو شڪار ڪري رهي آهي. هن چيو ته پي جي ايم ڊي جي مدد سان مارهن، ڊاڪٽرن ۽ سائنسدانن کي قيمتي ڄاڻ ملندي تنهن هوندي ان سڄي نظام کي ڳجھو رکيو ويو آهي ڊيٽا ۾ ماڻهن جي سڃاڻپ، قوميت ۽ جنس کي ظاهر نه ڪيو ويو آهي. ماهرن جي اندازي موجب پاڪستان جي 20 ڪروڙ مان 2 ڪروڙ 90 لک آبادي ڪنهن نه ڪنهن جينياتي بيماري جو شڪار آهي جنهن جو سبب خاندان ۾ شادي ڪرڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهي کاڌا جيڪي يادداشت ڪمزور ڪندا آهن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسم سان گڏوگڏ دماغ کي به صحت مند رهڻ لاءِ خوراڪ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے