19 جمعہ , جنوری 2018

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار انصاف جي فراهمي ۾ پنجاب کي پهرين نمبر تي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار انصاف جي فراهمي ۾ پنجاب کي پهرين نمبر تي قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته جديد ترين فارنزڪ سائنس ليبارٽري پنجاب کان سواءِ گهٽ نظر آئي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ عدالتي نظام ۾ سڌارن بابت اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ دانهون هونديون آهن ته ڪيسن ۾ دير ٿي ٿئي، ماڻهو ان اميد تي عدالت ۾ ايندا آهن ته شايد اڄ سندس ڪيس جو فيصلو ٿي وڃي. هن چيو ته کيس سڀ کان سٺو ڪم پنجاب ۾ نظر ايندو آهي، پنجاب ۾ ماڊل ڪورٽون بڻايون ويون، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي ڪم آندو ويو جنهن ذريعي تيزي سان ڪيسن کي اُڪلايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته انصاف ۾ دير هڪ وڏو مسئلو آهي، ماڻهن کي ملڪ ۾ سستو انصاف ملڻ گهرجي، ماڻهن کي شڪايت آهي ته جلد انصاف ناهي ملندو جڏهن ته سڄي دنيا ۾ دانهون هونديون آهن ته ڪيسن ۾ دير ٿي ٿئي. ملڪي عدالتن ۾ جيترا به ڪيس رولڙي جو شڪار آهن انهن جو اندازو آهي. هن چيو ته هڪ ڪوشش ڪري سگهجي ٿي ته ساڳي قانوني دائري ۽ ساڳن ججن جي انگ سان گڏ هر جاءِ تي قانون موجب جلد ڪم ٿئي. عدالت وڃڻ جي ڊپ کان ڪيترائي ماڻهو پاڻ مسئلا حل ڪندا آهن پر هتي معاملو عدالت کڻي وڃڻ تي ماڻهو خوش ٿيندا آهن ته عدالت ۾ ڏسي وٺندساين. ڪيس جڏهن سپريم ڪورٽ ايندو آهي ته خبر پوندي آهي ته هو بي گناهه آهي، جيل ۾ هڪ سال گذارڻ ڏکيو آهي، جن ڪيترائي سال جيلن ۾ گذاريا انهن کي ڇا ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے