23 ڇنڇر , جون 2018

حڪومت فاٽا جي عوام جي ملڪ جي آئيني ۽ سياسي نظام ۾ شموليت ۽ حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي: مريم اورنگزيب

پشاور(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتن جي اختيارن جو دائرو قبائلي علائقن تائين وڌائڻ تاريخي سنگ ميل آهي. حڪومت فاٽا جي عوام جي ملڪ جي آئيني، سياسي نظام ۾ شموليت ۽ حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته بل جي منظوري فاٽا جي عوام کي پارليمان طرفان جمهوري تحفو آهي، سڄي قوم ۽ پاڪستان جي سياسي پارٽين کي وڌايون پيش ڪيون ٿا، انشاءَ الله ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ خوشخبريون ملنديون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ن ليگ حڪومت جي فخر جوڳي روايت آهي، حڪومت آئيني، جمهوري، انتظامي حق قبائلي عوام کي ڏئي پاڪستان کي مضبوط ڪيو، هن چيو ته نواز شريف قبائلي عوام کي صدين پراڻي سامراجي نظام مان ڇوٽڪارو ڏياريو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے