17 اربع , جنوري 2018

اهي کاڌا جيڪي يادداشت ڪمزور ڪندا آهن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسم سان گڏوگڏ دماغ کي به صحت مند رهڻ لاءِ خوراڪ جي ضرورت هوندي آهي. پر ڪجهه اهڙا کاڌا به هوندا آهن جن جو گھڻو استعمال توهان جي يادداشت کي ڪمزور ڪندو آهي ۽ اهڙي خوارڪ جو گھڻو استعمال نه ڪرڻ ئي صحت لاءِ بهتر آهي. ان خوارڪ جا فائدا به آهن پر گھڻو استعمال خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿو.

ٽونا مڇي:

ٽونا نالي مڇيءَ ۾ بي انتها پروٽينز موجود هوندا آهن ۽ اهو صحت لاءِ فائدي مند به آهي، پر ان کي گھڻو کائڻ خطرناڪ ٿابت ٿي سگھي ٿو. ان مڇيءَ کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو کائجي ته بهتر آهي اها ايتري ته گرم هوندي آهي جو جيڪڏهن گھڻي کائجي ته دماغ متاثر ٿي سگھي ٿو، جنهن سان يادداشت به ڪمزور ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.

سويا ساس:

سويا ساس توهان کي فائدو پهچائڻ کان وڌيڪ نقصان پهچائي سگھي ٿو، ان ۾ لوڻ ۽ سوڊيم جي مقدار بي انتها وڌيڪ هوندي آهي ۽ انهن ٻنهي جو وڌيڪ استعمال دماغ لاءِ نقصان ديندڙ آهي، ۽ يادداشت ڪمزور ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.

نارنگيءَ جو جوس:

نارنگي جي جوس ۾ کنڊ جي مقدار بي انتها هوندي آهي ۽ اهو گھڻن ئي سببن جي ڪري خطرناڪ آهي. ان جو وڌيڪ استعمال توهان جي روزانو جي زندگي کي متاثر ڪرڻ سان گڏوگڏ توهان جي ذهن کي ڪمزور ڪندو آهي جڏهن ته ان جي گھڻي استعمال جي ڪري انسان هوريان هوريان پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪندو آهي.

اڇا چانور:

اڇي چانورن ۾ ڪاربس گھڻي مقدار ۾ موجود هجڻ جي ڪري اهي ذنهي فنڪش لاءِ درست ناهن انهن چانورن کي گھڻو کائڻ سان ڊپريشن جو خطرو به ڪافي حد تائين وڌي سگھي ٿو. انهن کان بهتر آهي ته توهان ڪڻڪ استعمال ڪريو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ جينياتي بيمارين جو پهريون ڊيٽا بيس متعارف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ جينياتي تبديلين ۽ انهن ۾ پيدا ٿيندڙ مرض جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے