24 آچر , جون 2018

ڪالڪي ڪوچلين ”گلي بواءِ“ ۾ ڳائڻيءَ جو ڪردار ادا ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) ”يه جواني هي ديواني“، ”زندگي نه ملي گي دوبارا“ ۽ ”ربن“ جهڙين فلمن ۾ جلوا ڏيکارينديندڙ 34 ورهين جي اداڪارا ڪالڪي ڪوچلين جلدي ئي پهريون ڀيرو رنوير سنگهه ۽ عاليا ڀٽ سان گڏ ايڪشن ۾ نظر ايندي. ٽئي اداڪار فلمساز زويا اختر جي فلم ”گلي بواءِ“ ۾ جلوا ڏيکاريندا، جنهن ۾ ڪالڪي ڪوچلين هڪ ڳائڻيءِ طور نظر ايندي. ”گلي بواءِ“ ۾ جيتوڻيڪ مرڪزي ڪردار رنوير سنگهه ۽ عاليا ڀٽ جو هوندو، تنهن هوندي ڪالڪي ڪوچلين جو ڪردار به اهم هوندو. احمد آباد مرر موجب 34 ورهين جي ڪالڪي ڪوچلين ”گلي بواءِ“ ۾ رنوير سنگهه جيان هڪ ڳائڻيءَ جي روپ ۾ نظر ايندي. فلم ۾ ڪاڪلي ڪوچلين ۽ رنوير سنگهه ممبئي جي گھٽين ۾ گانو ڳائي شهرت حاصل ڪندڙ نوجوان ڳائڻن ووين ڊوائن ۽ نائزي جو ڪردار ادا ڪندا. فلم جي ڪهاڻي سچي واقعي تي ٺهيل هوندي، جنهن جي شوٽنگ جو آغاز ايندڙ مهيني ڪرڻ جو امڪان آهي. ڪالڪي ڪوچلين کي ”يه جواني هي ديواني“، ”مارگريٽا ود اسٽرا“، ”ترشنا“، ”هيپي اينڊنگ“، ”فريڊم ميٽرس“، ”نيڪڊ“ ۽ ”جيا اور جيا“ سميت مختلف فلمن ۽ ڊاڪيومينٽريز ۾ منفرد اداڪاري ڪرڻ جي ڪري ڪيترائي ايوارڊ به ملي چُڪا آهن. هن فلمي ڪيريئر جو آغاز 2009ع ۾ ”ڊيو ڊي“ فلم سان ڪيو، هن انهيءَ فلم ۾ بيسٽ سپورٽنگ اداڪارا جو فلم فيئر ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو. ڪالڪي ڪوچلين نيشنل، فلم فيئر ۽ اسڪرين ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هن سال آئيفا ايوارڊ ۾ وڏن ستارن شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو، مداح مايوس

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ايوارڊ آئيفا جو انتظار هر شوقين کي بي صبري سان هوندو آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے