20 خميس , سيپٽمبر 2018

اڪشي سونم کي شادي تي ڪهڙو تحفو ڏيندو پاڻ ئي ٻُڌائي ڇڏيائين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار فلم جي مشهوري واري تقريب دوران سونم ڪپور کي هلندڙ سال شادي تي دلچسپ تحفو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. انوشڪار شرما ۽ ويرات ڪوهلي جي شادي بعد هاڻي اداڪارا سونم ڪپور به شادي جون تياريون ڪري رهي آهي. خبرن موجب اداڪارا پنهنجي دوست آنند اهوجا سان هلندڙ سال اپريل ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي. سونم ڪپور هن وقت پنهنجي فلم ”پيڊمين“ جي مشوري ۽ شادي جي تيارين ۾ مصروف آهي پر هو شادي بابت سوالن جو جواب ڏيڻ کان گھبرائي رهي آهي. تازو ئي هڪ تقريب ۾ اڪشي ڪمار ساٿي اداڪارا کان شادي بابت سوال ڪيو ۽ سونم ڪپور کي ڏکيائي ۾ وجھي ڇڏيو. اڪشي ڪمار ۽ سونم ڪپور فلم ”پيڊمين“ جي مشوري لاءِ هڪ تقريب ۾ موجود هو جتي صحافين سونم ڪپور کان شادي بابت سوال ڪيو پر هو خاموش رهي تنهن هوندي اوچتو اڪشي ڪمار سونم کان سوال ڪري وڌو. اڪشي جي سوال تي سونم به حيران رهجي وئي پر اڪشي به سونم کي حيراني کان بچائيندي چيو ته هو شادي ڪڏهن ڪندي ٻُڌائي ڇڏي ڇو ته کيس هڪ تحفو ڏيڻ چاهيان ٿو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سونم ڪپور هن ئي سال شادي ڪئي ته کيس کاڌو تيار ڪندڙ مشين تحفي ۾ ڏيندس. اڪشي ڪمار جواب ٻُڌندي ئي تقريب ۾ ٽهڪ شروع ٿي ويا ۽ اداڪارا پاڻ به شرمائيندي رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے