24 آچر , جون 2018

”ويري دي ويڊنگ“ جي ريليز جي تاريخ تبديل

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور خان پنهنجي ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن جن جي فلم ”ويري دي ويڊنگ“ ڊگھي عرصي کان خبرن جي زينت بڻيل آهي. پهريان ان فلم کي هلندڙ سال18 مئي تي ريليز جو اعلان ڪيو ويو هو تنهن هوندي هاڻي ان جي ريليز جي تاريخ تبديل ڪندي نئين تاريخ جو اعلان سوشل ميڊيا تي ڪيو ويو آهي. اها فلم هاڻي هلندڙ سال پهرين جون تي سينيما گھرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. ان خبر جو اعلان اداڪارا سونم ڪپور پنهنجي سماجي رابطن واري هڪ ويب سائٽ ٽوئٽر تي ڪيو. فلم ”ويري دي ويڊنگ“ ۾ ڪرينا ڪپور خان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهي آهي جڏهن ته سونم ڪپور، سوارا ڀاسڪر ۽ شيڪا تلساني به اهم ڪردارن نظر اينديون. فلم جي پهريئن پوسٽر ۾ اهي سموريون اداڪارائون ڊيزائنر ابو جاني سنديپ کوسلا جي ڊيزائن ڪيل لباس ۾ نظر اينديون، جتي ٽئي اداڪارائون ڪافي خوش آهن، اتي ئي سوارا ڀاسڪر ڪافي ڪاوڙ ۾ بيٺل آهي. جڏهن ته ٻئين پوسٽر ۾ اهي سموريون اداڪارائون ڪنهن ايونٽ لاءِ تيار ٿي رهيون آهن. شروعاتي طور فلم جي شوٽنگ جو آغاز هندوستان مان ڪيو ويو، جڏهن ته فلم جي شوٽنگ يورپ ۾ به ڪئي وئي، فلم جي ڪهاڻي ڀارت کان يورپ سفر، شادي، ڪاميڊي ۽ رومانس تي ٺهيل آهي. ان فلم جي ڪهاڻي نڌي مهرا ۽ ميهل سوري لکي آهي، جڏهن ته پروڊڪشن انيل ڪپور، ريها ڪپور ۽ اڪتا ڪپور ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هن سال آئيفا ايوارڊ ۾ وڏن ستارن شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو، مداح مايوس

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ايوارڊ آئيفا جو انتظار هر شوقين کي بي صبري سان هوندو آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے