18 سومر , جون 2018

نور بخاري پنجين شاديءَ جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪراچي (شوبز نيوز) ولي حامد کان طلاق بعد اداڪارا نور جي پنجين شادي جون خبرون ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيون آهن تنهن هوندي نور پنهنجي شادي جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. اداڪارا نور بخاري ميڊيا ۾ پنهنجي اداڪاري کان وڌيڪ شادي ۽ طلاق جي خبرن جي ڪري شهرت رکي ٿي. نور هينئر تائين چار شاديون ڪري چڪي آهي ۽ چارئي ڀيرا سندس گھر آباد نه ٿي سگھيو. ڪجهه عرصو اڳ نور پنهنجي چوٿين مڙس ولي حامد خان کان طلاق وٺي شوبز کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو. شروع ۾ ته سندس ان فيصلي تي گھڻي ئي تنقيد ڪئي وئي تنهن هوندي ماڻهن هوريان هوريان نور ۾ آيل ان تبديلي کي قبولي ورتو. تنهن هوندي اداڪارا نور بخاري هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن جي نشاني تي آهي ۽ ميڊيا ۾ افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته نور پنجين شادي ڪري رهي آهي. پنهنجي پنجين شادي جي خبرن ۽ تنقيد کان تنگ اچي اداڪارا هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي پنجين شادي بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. وڊيو جي شروع ۾ اداڪارا معصوم زينب سان ٿيل زيادتي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيائين ته هو سندس ماءُ جو ڏُک محسوس ڪري سگھي ٿي ته مٿس ڇا گزري رهي آهي. هن دعا ڪئي ته الله زينب جي والدين کي صبر عطا ڪري. هن حڪومت کي درخواست ڪندي چيو ته زينب جي قاتل کي ڦاسي تي ٽنگيو وڃي. اِنهيءَ وڊيو ۾ نور روئيندي پنهنجي پنجين شادي جي حوالي سان وضاحت ڏيندي چيو ته مون انڊسٽري ڇڏي ڏني آهي مون کي شادي نه ڪرڻي آهي، مون کان غلطيون ٿيون ته مون شادي ڪري گھر آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ائين نه ٿي سگھيو. هن چيو ته هر ڀيري عورت جي غلطي نه هوندي آهي، ڪا به عورت هن دنيا ۾ ڀلي هو مسلمان هجي، هندو هجي يا عيسائي هجي پنهنجي شادي خراب ڪرڻ نه چاهيندي آهي. هاڻي مون بابت افواهون پکيڙڻ بند ڪيو وڃي. آئون اڪيلي ناهيان، منهنجي ڌيءُ، منهنجي ماءُ ۽ منهنجي ڀيڻ منهنجي ذميواري آهن، آئون ان ٽنهي جو فخر آهيان. مون کي هاڻ شادي نه ڪرڻي آهي منهنجي جيڪا زندگي بچي آهي رڳو عبادت ڪرڻ چاهيان ٿي، اڃان ته مون کي چوٿين شاديءَ جي طلاق جو سرٽيفيڪيٽ به نه مليو آهي ته آئون پنجين شادي ڪئين ڪنديس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙا معاوضي ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سميت دنيا جي لڳ ڀڳ سمورين فلم انڊسٽرين ۽ ٻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے