22 پیر , جنوری 2018

ڪيسن ۾ دير جو الزام عدليه تي آهي، ڇا پارليامينٽ ڪا قانونسازي ڪئي آهي: چيف جسٽس

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته جاچ درست نه ٿيندي آهي، ڪيسن ۾ دير جو الزام وري عدليه تي هنيو ويندو آهي، ڇا پارليامينٽ ڪا قانونسازي ڪئي آهي. ڪراچيءَ ۾ ججن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان پارليامينٽ نه آهيون ۽ نه وري قانونسازي ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته چڱي نموني خبر آهي ته جيترا به ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن اوترا وسيلا نه آهن. سندس چوڻ هو ته هڪ ڪوشش ڪري سگهجي ٿي ته قانوني دائري ۽ ساڳين ججن جي تعداد سان هر هنڌ قانون موجب جلد ڪم ڪيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته انصاف ۾ دير هڪ وڏو مسئلو آهي، ماڻهن کي ملڪ ۾ سستو انصاف ملڻ گهرجي، ماڻهن کي شڪايت آهي ته جلد انصاف نه ٿو ملي، جيستائين سڄي دنيا ۾ شڪايت رهندي آهي ڪيسن ۾ دير ٿيندي آهي. هن چيو ته مون کي سڀ کان سٺو ڪم پنجاب ۾ نظر آيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي پئي وڃي، پنجاب ۾ ماڊل ڪورٽس قائم ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته عدالت ۾ وڃڻ جي خوف کان گهڻا ماڻهو پاڻ مسئلا حل ڪن ٿا،  جيل ۾ هڪ سال گذارڻ به مشڪل هوندو آهي، جن ڪيترائي سال جيل ۾ گذاريا تن بابت ڇا ڪيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته اجلاس جو مقصد عدالتي سڌارن  جي مهم تيز ڪرڻ آهي، ڪيس تيزيءَ سان اڪلائڻ جو سڌو فائدو سائلين کي ٿيندو.  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان کي ڏسڻو آهي ته ڪيترا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، ڇا  هڪ جج لاءِ ممڪن آهي ته ايتري ٿوري عرصي ۾ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي سگهي. هن چيو ته ٽرائل لاءِ ججن وٽ 150 کان 145 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، ٻن منٽن کان وڌيڪ وقت هڪ ڪيس ۾ لڳندو آهي،  ڇا هڪ جج وٽ ايترو وقت آهي. سندس چوڻ هو ته دير جو الزام آخرڪار عدليه تي ئي لڳندو آهي، جج ڪيسن کي اڪلائي نه ٿو سگهي ته ڇا ڏوهاري آهي؟ ڇا ڊسٽرڪٽ يا سول جج جو ڪم نه ٿي رهيو آهي؟  چيف جسٽس چيو ته جمهوريت ۾ اهم آهي ته ٻي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي، ڇا قانون کي پارليامينٽ مان اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي، مان ڪنهن تي الزام نه هڻي رهيو آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن يمن لاءِ 3 بلين ڊالرن جي امدادي رقم جي اپيل جاري ڪري ڇڏي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن يمن ۾ انساني بحراني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے