24 سومر , سيپٽمبر 2018

ماهرا جي پُٽ هالي ووڊ اداڪارا کان نمبر طلب ڪري ورتو

ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جي 8 ورهين جي پُٽ اذالان هالي ووڊ جي ڪامياب ترين فلم ۾ اهڙيون خاميون ڳولي ورتيون جيڪي وڏا وڏا هدايتڪار نه ڳولي سگھيا. عالمي شهرت ماڻيل اداڪارا ماهرا خان جو شمار پاڪستان جي حسين ۽ ذهين اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي. سندس 8 ورهين جي پُٽ اذالان پنهنجي ماءُ ماهرا خان جي سماجي رابطن واري هڪ ويب سائٽ ٽوئٽر تان هالي ووڊ اداڪارا ايما واٽسن ڏي پيغام موڪليو ۽ سندس نمبر طلب ڪيو. گذريل ڏينهن ماهرا خان جي ٽوئٽر اڪائونٽ تان هڪ پيغام موڪليو ويو هو جنهن ۾ لکيل هو ته “ايما واٽسن آئون اذالان آهيان، توهان جو مداح آهيان ۽ توهان سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو. مون توهان جي فلم “بيوٽي اينڊ دي بيسٽ” ۾ ڪجهه غلطيون ڏٺيون آهن ۽ انهن غلطين بابت آئون توهان کي ٻُڌائڻ چاهيان ٿو توهان مون کي پنهنجو نمبر ڏيو”. “بيوٽي اينڊ دي بيسٽ” 2017ع جي ڪامياب ترين فلم هئي جنهن کي ٻارن ۽ وڏن گھڻو ئي پسند ڪيو ٻين ٻارن جيان اذالان به اها فلم ڏٺي پر ان ٻار همٿ ڪندي فلم جي مرڪزي اداڪارا ايما واٽسن ڏي پيغام به موڪلي ڇڏيو. ٽوئٽ وائرل ٿيڻ بعد ماهرا خان وضاحت ۾ هڪ ٻيو ٽوئٽ لکيو ته سندس پُٽ اداڪارا جو مداح آهي ان باوجود هن فلم ۾ 10 غلطيون ڳولهيون آهن. جنهن کانپوءِ ماهرا خان اهي ٽوئٽ پنهنجي اڪائونٽ تان ڊيليٽ ڪري ڇڏيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے