21 اتوار , جنوری 2018

چيف جسٽس طرفان اڄ ئي مارڪيٽن مان دٻي وارو کير کڻڻ جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس مارڪيٽن مان دٻي وارو کير اڄ ئي کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ پيڪٽ جي ناقص کير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پيڪٽ جي کير جا سمورا نمونا پي سي ايس آءِ موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ کير جي نمونن جي ٽيسٽ جي ذميواري فيصل صديقي ايڊووڪيٽ کي سونپي وئي. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي حڪم ڏنو ته کير جي پروڊڪٽس ٽيسٽ لاءِ موڪليو.  جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته  پيڪٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ کير، کير نه فراڊ آهي، هي اڇو مادو آهي، ڪٿي پيڪٽ جي کير ۾ يوريا تي شامل نه آهي، هن حڪم ڪيو ته اڄ ئي مارڪيتن مان کير جي سمورن برانڊز جون شيون کنيون وڃن. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪم ڏينداسين ته پيڪٽ تي لکيو وڃي ته هي کير جو نعم البدل آهي.  چيف جسٽس چيو ته پنجاب ۾ ڪروڙين رپيه لڳائي ليبز ٺيڪ ڪرايون ويون آهن، سنڌ ۾ فوڊ اٿارٽي ئي ناهي، سنڌ سرڪار ڇا ڪري رهي آهي؟ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته فوڊ اٿارٽي قانونسازي ڪري ڇڏي آهي ۽ فنڊ مخصوص ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته اٿارٽي ٺهندي رهندي، ڇا تيستائين شهرين کي غير معياري کير پياريو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انتظار قتل ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان عدالتي جاچ لاءِ جج ڏيڻ کان انڪار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اينٽي ڪار لفٽنگ سيل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے