24 سومر , سيپٽمبر 2018

ورون ڌون والدين جو گھر ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ نوجوان اداڪار ۽ هدايتڪار ڊيوڊ ڌون جي پُٽ ورون ڌون والدين جو گھر ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ورون ڌون نئين اداڪارن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ترين اداڪار تصور ڪيو ويندو آهي ۽ پنهنجي ڪيريئر جي پهرين فلم کان وٺي هينئر تائين هو ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون ڏئي چڪو آهي. سندس ڪيريئر جي سپر هٽ فلمن ۾ “اسٽوڊنٽ آف دي ايئر”، “همپٽي شرما ڪي دلهنيا”، “بدلا پور”، “اي بي سي ڊي 2”، “بدري باٿ ڪي دلهنيا” ۽ “جڙوا 2” شامل آهن. نوجوان اداڪار ڪاميابيون حاصل ڪرڻ بعد ممبئي جي علائقي باندرا ۾ نئون گھر ورتو آهي، جنهن جي خوشي ۾ ورون ڌون گذريل ڏينهن پارٽي پڻ ڏني هئي جنهن ۾ سندس پيءُ ۽ ڪيترين ئي فلمي شخصيتن شرڪت ڪئي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب ورون ڌون نئين گھر جي خريداري بعد هاڻي والدين جو گھر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ جلدي ئي هو نئين گھر ۾ منتقل ٿي ويندو. ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ورون ڌون والدين جو گھر ڇڏڻ جو فيصلو پنهنجي گرل فرينڊ نتاشا جي ڪري ڪيو آهي ۽ جلدي ئي ٻئي نئين گھر ۾ شفٽ ٿي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے