16 سومر , جولاءِ 2018

شهباز شريف قصور ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪري ڏوهارين کي گرفتار ڪري: ريحام خان

قصور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي نيوز اينڪر ۽ سماجي ڪارڪن ريحام خان چيو آهي ته زينب واقعي کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گهرجي. قصور ۾ قتل ٿيل ستن ورهين جي نينگري زينب جي وارثن سان تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريحام خان چيو ته مان لنڊن ۾ هيس جڏهن مون کي زينب جي قتل بابت ڄاڻ ملي. هن چيو ته برطانيا ۾ ويٺل ماڻهن کي يقين نه ٿي رهيو آهي ته اسان ٻارڙن سان تشدد ۽ زيادتي جي واقعن بابت ايترن سالن کان ڇا ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته قصور واقعي کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي،  سياسي ليڊر ٻارڙن سان زيادتي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪن. ريحام خان چيو ته ڀيڻ جي حيثيت سان طاهر القادري کي درخواست آهي ته ٻارڙين جا جنازا پڙهائڻ سان گڏ کيس سندن سالگره تي به اچڻ گهرجي. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان کي بار بار پنهنجي ٻارڙين جا لاش کڻڻا پون ٿا. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف کان درخواست آهي ته جيتري تيزيءَ سان هن اورنج لائن ٽرين ٺاهي آهي ڪيس جي جاچ ۾ به تيزي آڻي. ريحام خان چيو ته شهباز شريف جو مثال ٻين صوبن ۾ ڏنو ويندو آهي، هتي به کيس مثال قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته شهباز شريف کي گورننس جو تجربو آهي تنهن ڪري سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪري ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته قصور جو شمار ڏوهن جي لحاظ کان 10 مٿين ضلعن ۾ ٿئي ٿو ۽ هتي ٻارڙين سان زيادتي ۽ قتل جا واقعا لاڳيتو ٿي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے