18 سومر , جون 2018

ايندڙ چونڊ نوابشاهه مان وڙهڻ جو اعلان، ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي گنجائش ناهي: آصف زرداري

 نواب شاهه (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف  علي زرداري  ايندڙ چونڊون ۾ نواب شاهه کان اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نواب شاهه ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ جو افتتاح ڪيو. آصف زرداري نواب شاهه سيڪريٽريٽ جو دورو به ڪيو ۽ ان موقعي تي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ايندڙ چونڊون ۾ نواب شاهه کان اليڪشن وڙهڻ جو  اعلان ڪيو ۽ ڪارڪنن کي اليڪشن جون تياريون ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو 73 جي آئين جي باني پارٽي آهي هوءَ ڪنهن به غير جمهوري عمل جي حمايت نه ڪندي، آئين ۾ ٽيڪنو ڪريٽس حڪومت جو ڪو به ذڪر ناهي ۽ نه ئي ڪو غير آئيني قدم کنيو ويندو، منهنجي خيال ۾ سينيٽ اليڪشن وقت تي ٿيندي جڏهن ته عوام عام چونڊن ۾ جيڪڏهن پارٽي ٽيڪٽ ڏني ته نواب شاهه مان اليڪشن وڙهندس. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته الطاف حسين اڄ ڪلهه ٽي وي نه پر سوشل ميڊيا تي ايندو آهي اسان جي عمر سوشل ميڊيا واري ناهي، مستقبل ۾ پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان الطاف سان گڏجي به سگهن ٿيون ۽ نه به. زينب جي قتل تي آصف زرداري چيو ته قصور ۾  ٻارڙي جو قتل شهباز حڪومت جي ناڪامي آهي، طاهر القادري جا هم خيال آهيون ۽ سندس احتجاج ۾ ساڻس گڏ هونداسين. اڳوڻي صدر پاڪستان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پيپلز سيڪريٽريٽ جي آفيس جو افتتاح ڪيو ۽ پارٽي جو جهنڊو ڦڙڪايو، جتي هُن ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪارڪن پارٽي جو سرمايو آهن ۽ پ پ پ جي جيالن تي پارٽي کي ناز آهي، هن چيو ته ڪارڪن ايندڙ عام چونڊن جي ڀرپور تياري ۽ عوام جا جيڪي بنيادي مسئلا آهن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺن، هن چيو ته جيڪي به ترقياتي اسڪيمون رولڙي جو شڪار آهن انهن جي مان پاڻ نگراني ڪندس، هن چيو ته ڪارڪنن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، انهيءَ موقعي تي ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين حاجي محمد عظيم مغل، وائيس چئيرمين خان بهادر ڀٽي، رئيس عاشق حسين زرداري، نويد لطيف عباسي، راشد چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.3304

هي به ڏسي سگهو ٿا

عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

ميانوالي (م ڊ) عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے