17 اربع , جنوري 2018

سنڌ ۾ 5 سالن جي تعليمي بجيٽ طلب، ٻڌايو ته ڪهڙا بند اسڪول کوليا ويا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سنڌ ۾ تعليم جي نظام جي صورتحال واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي 31 جنوري تائين سنڌ سرڪار،تعليم کاتي جي سيڪريٽري، ناڻي کاتي جي سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ سرڪار کان 5 سالن جي تعليمي بجيٽ ۽ خرچ جي تفصيلن کي طلب ڪري ورتو آهي .عدالت ۾ ٻڌڻي جي دوران جسٽس عقيل احمد عباسي رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ سرڪار گذريل 5 سالن ۾ تعليم جي لاءِ ڪهڙو فنڊ جاري ڪيو آهي .ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو خرچ ڪيو ويو آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪيترا اسڪول کليل آهن ۽ ڪيترا بند آهن. عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 31 جنوري ي رپورٽ پيش ڪئي وڃي نه ته تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي عدالت ۾ گهرايو ويندو. درخواست گذار نديم شيخ چيو ته سنڌ راٽئس آف چلڊرن ايجوڪيشن ايڪٽ 2013ع جي تحت اربين رپين جاري ڪيا ويا. اڄ تائين ان ايڪٽ تي عمل نه ٿيو آهي .هن چيو ته سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي جي باوجود اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ بل پاس ٿيڻ جي باوجود تعليم مفت نه ٿي آهي .هن چيو ته 6هزار کان وڌيڪ سرڪاري اسڪول بند آهن. هن چيو ته 40هزار استاد اسڪول نٿا وڃن.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان پناهگير بار آهن، هاڻ قرباني جو ٻڪر نه بڻجنداسين:پاڪستان بچاءُ وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي  ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے